
تھران:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل تي ايران جي جوابي حملي ۾ دير ٿي سگهي ٿي جڏهن غزه ۾ جنگبندي ٿيندي.
برطانوي خابرو اداري موجب ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن غزه ۾ جنگبندي جون ڳالهيون ناڪام ٿيون يا اسرائيل ڳالهين کان پوئتي هٽي ته ايران سڌو اسرائيل تي حملو ڪندو.
واضح رهي ته ايران حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جو بدلو پنهنجي سرزمين تي وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.
آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ايران کي روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، آمريڪا ترڪي تي زور ڏنو آهي ته هو ايران کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ قائل ڪري.
ايران غزه تي اسرائيلي حملن ۾ تحمل جو مطالبو ڪندي برطانيه، فرانس ۽ جرمني کي جواب ڏنو آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ايران کان تحمل جو مطالبو سياسي شعور جي کوٽ ۽ عالمي قانوني اصولن جي خلاف آهي.
ٻئي طرف نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته غزه ۾ جنگبندي بابت ڳالهيون هن هفتي نه ٿينديون ڇاڪاڻ ته حماس دوحا ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
حماس مغربي ملڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل سان جنگ بندي معاهدي جي شرطن تي عمل ڪن.
ٻئي طرف غزه ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 32 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
غزه ۾ التبين اسڪول تي اسرائيلي حملي کانپوءِ الجزائر جي درخواست تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ رات طلب ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language