ڍاڪا:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)بنگلاديش جي عبوري حڪومت ملڪ ۾ 15 آگسٽ جي موڪلن کي منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب 15 آگسٽ 1975ع تي شيخ مجيب الرحمان جي قتل تي هر سال 15 آگسٽ تي ملڪ ۾ سوگ جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب پبلڪ ايڊمنسٽريشن واري وزارت جي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته 15 آگسٽ جي موڪلن کي منسوخ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن تيار ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ بنگلاديش جي عبوري حڪومت ۾ گهرو معاملن واري وزير برگيڊيئر (ر) سخاوت حسين چيو آهي ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ 15 آگسٽ تي پوليس کي مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪو به امن امان خراب نه ڪري.
0 تبصرے
Do not use vulgar language