welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سائبر ايجنسي کي سوشل ميڊيا جي ڪمائي جي جاچ جا اختيار: غلط معلومات پکيڙڻ تي گرفتاري ٿيندي

اسلام آباد:(ڇنڇر 30 آگسٽ 2025ع)گهرو وزارت نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ) جي اختيارن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. هاڻي سائبر ڪرائمز کي به اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ جي دائري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ايجنسي کي ٻارن جي پورنوگرافي، آن لائن گرومنگ، سائبر دهشتگردي ۽ اليڪٽرانڪ فراڊ خلاف به ڪارروائي جو اختيار ملي ويو آهي. گهرو وزارت موجب هاڻي غلط ۽ جعلي ڄاڻ پکيڙڻ جي سزا به اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڏني ويندي، جڏهن ته سوشل ميڊيا ذريعي غلط معلومات پکيڙي پيسا ڪمائيندڙ به ان قانون جي گرفت ۾ ايندا. نيشَنل سائبر ڪرائم ايجنسي سوشل ميڊيا مان حاصل ٿيندڙ پئسن جي جاچ به اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪندي. ايجنسي کي ٻارن جي جنسي استحصال، سائبر لالچ، سڃاڻپ جي غير مجاز استعمال ۽ غير قانوني جاري ٿيندڙ سم ڪارڊز خلاف ڪارروائي جو اختيار به ڏنو ويو آهي. هاڻي اغوا، اسمگلنگ يا ٻارن جي ٽريفڪنگ ۾ انفارميشن سسٽم استعمال ٿيندو ته ان تي به سزا ڏني ويندي. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ان ترميم جو مقصد سائبر ڪرائمز جي روڪٿام ۽ انهن خلاف مؤثر ڪارروائي ڪرڻ آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے