welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بدين: گودام مان ڪروڙين رپين جي 45 هزار ٻوريون ڀاڻ هٿ

بدين:(جمعو 05 سيپٽمبر 2025ع)بدين ۾ هڪ گودام مان هزارين ٻوريون ڀاڻ هٿ ڪيون ويون آهن. سنڌ زراعت کاتي جي ترجمان موجب، بدين ۾ ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ گودام مان 45 هزار ٻوريون ڀاڻ هٿ ڪيون ويون. ترجمان چيو ته ضبط ڪيل ڀاڻ جي قيمت ڪروڙين رپيا آهي ۽ ڪارروائي کان پوءِ گودام کي سيل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪارروائي سبب عملو فرار ٿي ويو، جڏهن ته مالڪن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے