وينس:(جمعو 05 سيپٽمبر 2025ع)وينس فلم فيسٽيول ۾ هڪ فلسطيني ڇوڪري بابت هڪ فلم کي ڊگهي عرصي تائين بيٺل داد مليو آهي.
فلمساز ڪوثر بن هانيه جي فلم 'دي وائيس آف هند رجب' کي 23 منٽ ۽ 50 سيڪنڊن جي بيٺل داد مليو، جيڪا فيسٽيول جي تاريخ ۾ سڀ کان ڊگهي آهي.
فلم ۾ 5 سالن جي فلسطيني ڇوڪري هند رجب جي دل ٽوڙيندڙ آخري لمحن کي ڏيکاريو ويو آهي.
فلمساز جو چوڻ آهي ته اها صرف هڪ فلم ناهي، پر ملبي هيٺ دفن ٿيل هڪ آواز آهي جنهن کي دنيا ٻڌڻ کان انڪار ڪيو.
بين الاقوامي نقادن فلم کي 'سال جي سڀ کان اهم فلم' قرار ڏنو آهي، جڏهن ته وڊيوز سوشل ميڊيا تي پڻ مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language