
اسلامآباد:(خميس 04 سيپٽمبر 2025ع)پي ٽي آءِ جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته علي امين گنڊاپور ڪالاباغ ڊيم بابت ذاتي حيثيت ۾ بيان ڏنو آهي، پارٽي پاليسي ناهي، تحريڪ انصاف بلڪل واضح آهي ته ڪالاباغ ڊيم تي خيبرپختونخوا ۽ سنڌ کي خدشا آهن، اهڙي منصوبي جنهن تي ٻن صوبن کي خدشا آهن، اهو وفاق لاءِ فائديمند نه آهي، جيستائين صوبن ۾ اتفاق راءِ نه ٿو ٿئي، اهڙي ڪنهن منصوبي جي حمايت نه ڪنداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته علي امين گنڊاپور جو بيان ذاتي آهي، پارٽي پاليسي ناهي، سلمان اڪرم راجا چيو ته صدارتي نظام به اسان جي پاليسي ناهي، گنڊاپور جو اهڙو بيان منهنجي سامهون نه آيو آهي، علي امين گنڊاپور کان پڇا ڪندس، اهڙي ڪنهن به ترميم جي حمايت نه ڪنداسين ته پارلياماني نظام ختم ڪري صدارتي نظام لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته 8 فيبروري 2024ع تي اليڪشن چورائي ٺاهيل مصنوعي نظام آخري پساهه پيو کڻي، اهو نظام هاڻي ڊهڻ وارو آهي. ٻوڏ صورتحال تي هن چيو ته هاڻي به وقت آهي، قوم کي گڏ کڻي هلو، سچ کي مڃو ۽ حقيقت کي قبول ڪريو. سلمان اڪرم راجا وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ سردار اختر جان مينگل جي قافلي تي حملو افسوسناڪ آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا، حملو ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آهن، سردار اختر جان مينگل ۽ ماهه رنگ بلوچ پاڪستاني آهن، اهڙيون ڪارروايون ڪنهن کي خاموش نه ڪرائي سگهنديون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language