welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عليمه خان جي پٽ شاهه ريز جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا رد، جوڊيشل ريمانڊ تي جيل منتقل

لاھور:(ڇنڇر 30 آگسٽ 2025ع)دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي پٽ شاهه ريز جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي استدعا رد ڪندي انهي کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. دهشتگردي جي انت واي عدالت جي جج منظفر علي گل 9 مئي جناح هائوس حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران پي ٽي آءِ باني جي ڀاڻيجي شاهه ريز کي پيش ڪيو ويو. شاهه ريز کي جسماني ريمانڊ جو مدو ختم ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪيس جي جاچ آفيسر طرفان جوابدار جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي. دهشتگردي جي انت واري عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عليمه خان جي پٽ شاهه ريز خان جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڏيڻ جي درخواست رد ڪندي جوابدار کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن عليمه خان جي ٻئي پٽ شير شاهه کي به دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے