
حيدرآباد:(ڇنڇر 30 آگسٽ 2025ع)هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران به جبري گمشدگين جي متاثرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ھڪ تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ پروفيسر امداد چانڊيو، پشپا ڪماري، ايڊووڪيٽ دانيال، فرحين مغل ۽ ٻين سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.
پروفيسر امداد چانڊيو ته اقوم متحده به هي ڏينهن ملهائيندي پئي اچي اڄ جبري گمشدگين جي متاثرن جو عالمي ڏينهن آهي هن چيو ته جبري گمشدگيون ملڪ اندر آمريتي دور ۾ وڌيون جنهن دوران شهيد نذير عباسي کي گم ڪري شهيد ڪيو ويو اهو دور به آمريت جو دور هو هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاص طور تي پوليس ان ۾ اڳڀري آهي. هن. چيو ته مورو واقعو اسان جي سامهون آهي جن ڪئنال واري معاملي تي احتجاج ڪيو ته انهن جا 80 ماڻهو گم ڪيا ويا. هن چيو ته هاڻ جبري گمشدگيون اڃان به وڌي ويون آهن. آمر دور ۾ به ائين نه ڪيو ويندو هو جيڪو هن وقت جمهوري حڪومتن ۾ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هاڻ قانون پاس ٿيو آهي ته ڪنهن به ماڻهو کي 6 مهينن تائين قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پاڻ وٽ رکي سگهن ٿا هن چيو ته سنڌ اندر لڳ ڀڳ 50 جي ويجهو ماڻهو گم آهن هن چيو عالمي ادارا هن جبري گمشدگين کي روڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن
ڪائونسل ميمبر چيو ته ايڇ آر سي پي جي پروگرام کي روڪرائڻ لاءِ پريس ڪلب ٻاهران وڏي تعداد ۾ پوليس پهتل آهي اسان اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکون ٿا، هن پروگرام ۾ صحافي سماجي اڳواڻ وڪيل شريڪ ٿيا آهن هن چيو ته هن وقت ملڪ اندر جمهوري حڪومت آهي پوليس کي بيهاريو ويو آهي ايڇ آر سي پي هميشه روڊن رستن احتجاجن ۾ جبري گمشدگين خلاف عملي طرح جدوجهد ڪئي آهي هن چيو ته هر اداري کي پنهنجي اختيار ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي ايڇ آر سي پي ڪنهن تنظيم ڪنهن به قوم يا ڪنهن به قسم جي جبري گمشدگين جي خلاف آهي. ايڇ آر سي پي مطالبو ڪري ٿي ته پاڪستان بينل قانونن تي عمل ڪري
پشپا ڪماري چيو ته چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ بهتر ناهي آئين پاڪستان ۾ هر شهري برابري جو شهري آهي پر مسنگ پرسن تي اهو قانون لاڳو آخر ڇو نٿو ٿئي
ايڊوڪيٽ دانيال چيو ته آئين پاڪستان حق ڏنو آهي گهمڻ ڦرڻ سان گڏ فريڊيم آف اسپيچ جو جنهن جو حق هر شهري کي حاصل آهي هن چيو ته اڳ کنڀي گم ڪرڻ سلسلو بلوچستان ۽ سنڌ ۾ شروع ڪيو ويو پر هاڻ ڪي پي ڪي ۾ به وڌي ويو آهي. هن چيو ته جنهن تي به ڪوبه الزام آهي ته ان جي گهر مٿان چڙهائي ڪري گم ڪرڻ غيرقانوني عمل آهي هو ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪريو هن چيو ته هي جبري گمشدگيون ملڪ جو اهم مسئلو آهي
اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل چيو ته هاڻ سافٽ ويئر اپڊيٽ کي به متعارف ڪرايو آهي جنهن کي گرفتار ڪن ٿا انکي تشدد ڪري سافٽ ويئر اپڊيٽ جو چيو ويندو آهي، هن چيو آمريتي دور ۾ گمشدگين جو سلسلو شروع ڪيو ويو اسان به جيلن جون سختيون برداشت ڪيون آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language