
ڪراچي:(آچر 07 سيپٽمبر 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ٻوڏ کان علاوه برساتن جي لاءِ به تياريون مڪمل آهن، سمورا کاتا، وزير، متحرڪ ۽ فعال آهن.
سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ صورتحال جي باري ۾ فلڊ مانيٽرنگ سيل جي دوري کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سکر، لاڙڪاڻي جي ڪمشنر، آٻپاشي واري وزير ۽ سيڪريٽري کان اپ ڊيٽ وٺي ڇڏي آهي.
هن چيو ته 3 وڳي جي صورتحال موجب پنجند بيراج تي 6 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو آهي. ڄام خان شورو هن وقت اتي موجود آهي، انهي کي ٻڌايو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ 7 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي اچي سگهي ٿو، پنجند جي ميزر ۾ گهٽتائي آهي، جيڪا 22 ميل پري واقع آهي، گهٽ ٿيڻ کان پوءِ پنجند ۾ پاڻي جو وهڪرو تيز ٿيو آهي.
هن چيو ته تونسه مان 2 لک 17 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي رهي آهي. ٻنهي هنڌن کي ڏسندي 8 لک ڪيوسڪ جي تياري ڪري رهيا آهيون، ٻوڏ ريلي جي آمد ۾ دير ٿي، 9 سيپٽمبر تي گڊو بيراج تي پيڪ جو امڪان آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان 8 لک ڪيوسڪ پاڻي جي تياري ڪري رهيا آهيون، هر هڪ ڳوٺ مان آبادي جي لڏ پلاڻ جاري آهي. آبادي پنهنجو پاڻ لڏ پلاڻ ڪئي آهي پر حڪومت انهن کي آگاهه ڪري رهي آهي. 48 ڪلاڪن ۾ ماڻهن کي ڪڍيو ويندو. متاثر آبادي ۾ گذريل ٻوڏ جي حوالي سان وڏا گهر تعمير ڪيا ويا آهن ڪمشنر لڏ پلاڻ جي لاءِ سموريون سهولتون تيار ڪري ورتيون آهن.
مراد علي شاهه چيو ته رليف ڪيمپس، هيلٿ جي سهولت جا مرڪز، چوپائي مال لاءِ واڙن جي جيو ٽيگنگ ڪئي وئي آهي. گڊو بيراج کان مٿي ڪوهه سليمان جي علائقن ۾ وڏي برسات جو امڪان نه آهي. ٿرپارڪر، ٺٽو، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ دادو ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. برساتن جي لاءِ به تياريون مڪمل آهن. سمورا کاتا ۽ وزير فعال آهن. هن چيو ته ناصر شاهه، مڪيش ڪمار چاوله، ڄام ڌاريجو، محمد علي ملڪاڻي، رياض شاهه سميت صوبائي اسيمبلي جا نمائندا به پنهنجن علائقن ۾ موجود آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language