
ميرپورخاص:(آچر 07 سيپٽمبر 2025ع)ميرپورخاص، تلهار، بدين ۾ تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب ڪاروباري ماڻهن ۽ رهواسين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.
ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري ، موسم خوشگوار ، آبادگارن ۾ سرھائي جي لھر ميرپورخاص ۽ اسپاس جي علائقن سمن ڳوٺ، مير واه گورچاڻي ، جھلوري ، سميت ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آھي جڏھن ت برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آھي جڏهن ته ميرپورخاص ۽ آسپاس پاڻي جي کوٽ سبب آبادگار طبقو سراپا احتجاج بڻيل ھو برسات پوڻ سبب آبادگار طبقي ۾ سرھائي جي لھر ڇائجي وئي آھي شھر ۾ برسات پوڻ سبب شھري گھرن کان ٻاھر نڪري برسات ۾ لطف اندوز ٿي رھيا آھن
تلھار ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ سڄو ڏينهن رهندڙ سخت گرمي کان پوءِ موسم ۾ اوچتو تبديلي اچي وئي آهي ڪڪر وسڻ شروع ٿيڻ سان گرميءَ جو زور ٽٽي پيو آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي ۽ شهرين جي چهرا خوشيءَ سان کِلي اُٿيا آهن ٻئي طرف حبس ۽ بجليءَ جي بندش سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪلاڪن کان بجلي غائب آهي جنهن سبب پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
بدين ۾ ڪالھ شام کان شروع ٿيندڙ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، بدين جي مختلف شهرن کوسڪي شادي لارج پنگريو ٽنڊوباگو ڪڍڻ سيراڻي سميت ساحلي پٽي ۾ برسات جو سلسلو هلندڙ آهي ساحلي پٽي ڀڳڙا ميمڻ شهيد دودو سومرو علي بندر وارن علائقي ۾ پڻ برساتي جو وسڪارو ٿيو آهي ٻئي طرف اڄ کان موسميات کاتي تيز برساتن جي پڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي طرفان پنهنجي آفيس ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي ۽ اي ڊي سي ون کي انچارج مقرر ڪري نمبر جاري ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن ڪنهن ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رابطو ڪري سگهجي جڏهن ته جتي موسم خوشگوار بڻجي وئي آهي اتي وري جهڙالي موسم سبب سولر سسٽم ناڪاره بڻجي ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language