اسلام آباد:(آچر 07 سيپٽمبر 2025ع)صدر آصف علي زرداري اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽيز ترميمي بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل جي منظوري کان پوءِ ڊيوٽيز پهرين جولاءِ 2020 کان موثر هونديون، بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿيڻ کان پوءِ صدر ڏانهن اماڻيو ويو هو.
چين جي گرانٽ سان هلندڙ منصوبن تي اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽيز لاڳو ٿيڻ تي قانوني وضاحت جي لاءِ بل منظور ڪيو ويو. آڪٽوبر 2022 ۾ گوادر ۾ جاري منصوبن جي حوالي سان اڳڀرائي بابت اجلاس ۾ انهي ترميم جو فيصلو ڪيو ويو هو. آڪٽوبر 2022 ۾ گوادر منصوبن جي اڳڀرائي اجلاس ۾ انهي ترميم جو فيصلو ڪيو ويو هو.
انهي کان علاوه صدر نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ(ري آرگنائزيشن) ترميمي بل 2025 جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي 12 آگسٽ 2025 تي پنج پرائيويٽ ميمبرز بلز سان انهي بل جي منظوري ڏني، بل جي ذريعي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي ڍانچي ۽ گورننس کي وڌيڪ موثر بنايو ويندو. ترميم جو مقصد اداري جي نئين سري سان تنظيم ۽ بهتر ڪارڪردگي کي يقيني بنائڻ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language