
ڪراچي:(آچر 07 سيپٽمبر 2025ع)پاڪستان مسلم ليگ(ن) باضابطه طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ قائم بلدياتي حڪومت ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي حمايت واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو سبب انهي جي خراب ڪارردگي، واعدا پورا ڪرڻ ۾ ناڪامي ۽ انتظامي معاملن کان مسلم ليگ(ن) کي ڌار رکڻ قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب سٽي ڪونسل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ(ن) جي پارلياماني اڳواڻ فيروز خان پيپلز پارٽي کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته ميئر جي چونڊ کان اڳ ڪيل واعدن جي مڪمل طور تي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. سٽي ڪونسل ۾ مسلم ليگ(ن) جون 14 سيٽون آهن، فيروز خان ڏراپو ڏنو ته پيپلز پارٽي جي اميدوار جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي باوجود ڪراچي ۾ فيصلن ۽ انتظامي معاملن ۾ مسلم ليگ(ن) کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي اڳواڻن وچ ۾ هڪ واضح معاهدو هو پر جيئن ئي مرتضيٰ وهاب عهدو سنڀاليو انهي معاهدي جي پاسداري نه ڪئي وئي.
هن واضح ڪيو ته ڏٺو وڃي ته وفاق ۾ مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي جي اتحادي آهي پر ڪراچي ۾ صورتحال هڪ نقطه عروج تي پهچي چڪي آهي، جڏهن ته مرڪز جي سياست مختلف آهي، مقامي سطح تي اسان اهڙي حڪومت جو حصو نٿا رهي سگهون جيڪي اسان جي مينڊيٽ کي نظر انداز ڪري اسان جي حڪومتي عمل کان ٻاهر رکي ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي, هن وڌيڪ ٻڌايو ته اپوزيشن بينچز تي وڃڻ جو فيصلو پارٽي قيادت سان مشاورت کان پوءِ ڪيو ويو.
پريس ڪانفرنس جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ فيروز خان ۽ مسلم ليگ(ن) جا ٻيا ميمبر سٽي ڪونسل جماعت اسلامي وٽ ويا، جنهن سبب سٽي ڪونسل ۾ امڪاني سياسي اتحاد جو اشارو مليو. مسلم ليگ(ن) جو وفد جماعت اسلامي جي نور حق اداري ويو جتي ٻنهي پارٽين مختلف آپشنز تي ڳالهيون ڪيون، جن ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جو امڪان به شامل هو.
130 سيٽن سان جماعت اسلامي سٽي ڪونسل جي ٻئي وڏي پارٽي آهي، پر مسلم ليگ(ن) ۽ جماعت اسلامي جو اتحاد به ظاهري طور تي ميئر مرتضيٰ وهاب جي عهدي کي خطري ۾ نه وجهندو، ڇو ته هو پنهنجي پارٽي جي 155 ميمبرن، 2 درجن کان وڌيڪ پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن ۽ ٻين جي حمايت سان وڏي اڪثريت رکي ٿو.
پريس ڪانفرنس ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميئر ڪراچي ۽ ميٽروپوليشن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ۽ انهي جي ڪارڪردگي کي شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ انتهائي ناڪام قرار ڏنو هن مختلف علائقن ۾ ڪچري جي ڍيرن جي نشاندهي ڪئي ۽ چيو ته هي شهر جي اختيارين جي غفلت ۽ انتظامي ناڪامي جو چٽو مثال آهي. هن چيو ته ڪراچي جي عوام کي اهڙي حالتن ۾ جيئڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ڪي ايم سي صرف کوکلا دعويٰ ڪري رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن پيپلز پارٽي کي مرتضيٰ وهاب کي ميئر چونڊ ڪرائڻ جي لاءِ اسان جي حمايت جي ضرورت هئي ته انهن وڏا وڏا واعدا ڪيا پر سيٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهي سمورا واعدا وساري ويٺا. مسلم ليگ(ن) کي اميد هئي ته اتحاد ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر پيپلز پارٽي جي شهري حڪومت پاڻ کي صرف فوٽو سيشن ۽ پريس بيانن تائين محدود ڪري ورتو، جڏهن ته زميني حقيقتن ۾ ڪابه بهتري نه آئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language