
ڪراچي:(آچر 07 سيپٽمبر 2025ع)سموري ملڪ ۾ تازي برسات ۽ ٻوڏ دوران فصل تباهه ٿيڻ سبب ڪراچي ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي.
رپورٽ موجب تازو ٻوڏ دوران فصلن کي نقصان پهچڻ سبب قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو نظر اچي رهيو آهي. ماهرن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن ساڳئي صورتحال برقرار رهي ته اٽي جي قيمتن ۾ به وڌيڪ اضافو ٿيندو.
تازو ٻوڏ دوران فصلن جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڀاڄين جي قيمتن ۾ به رڪارڊ اضافو سامهون اچي ويو آهي. ڀاڄين جي قيمتن ۾ ٻن ڏينهن دوران وڌيڪ اضافي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. بصر، پٽاٽا، ادرڪ، ٿوم، ٽماٽا، توري، ميها سڀني کان پهريان مهانگا ٿي ويا.
انهي حوالي سان عوام جو چوڻ هو ته ذخيرو ڪندڙ به مهانگائي جو هڪ وڏو سبب آهن جنهن جي ڪي شين جي قيمتن ۾ هٿ ٺوڪيو اضافو ڪيو پيو وڃي.
عوام جو چوڻ آهي ته روزاني ڀاڄين جي قيمتن ۾ اضاف ٿي رهيو آهي. دڪاندارن جو موقف آهي ته ٻوڏ سبب ڀاڄين جون قيمتون وڌيون آهن. درآمد ڪيل ڀاڄيون به اسان تائين پهچندي پهچندي مهانگيون ٿي وينديون آهن.
دڪاندارن جو چوڻ هو ته مال ئي نه آهي پٺيان کان مال مهانگو اچي رهيو آهي اسان ڇا ڪريون ٻين ملڪن کان ايندڙ ڀاڄيون ڪافي مهانگيون پئجي رهيون آهن.
ٻئي طرف حڪومتي سمورين دعوائن ۽ درآمد جي اجازت باوجود ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت سرڪاري قيمت کان لاڳيتو وڌيڪ آهي. ڪراچي جا شهري ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ مهانگي کنڊ 220 روپيه ڪلو تائين خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته تازو ٻوڏ سبب ڪڻڪ جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو، 40 ڪلو ڪڻڪ جو ٿيلهو 3 هزار 943 روپين تائين پهچي ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language