
ڪراچي:(آچر 07 سيپٽمبر 2025ع)اسٽيل ٽائون ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار ۽ سپر هاءِ وي تان ٽرڪ مان ڪري هڪ نينگر فوت ٿي ويو.
اسٽيل ٽائون جي علائقي نيشنل هاءِ وي گلشن حديد چوڪ پي ايس او پمپ جي ڀرسان ٽرالر جي هيٺيان اچي 2 موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويلن جا لاش ڇيپا ايمبولينس جي ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا.
پوليس موجب فوت ٿي ويلن جون عمرون 23 کان 25 سالن جي وچ ۾ آهن فوت ٿي ويلن وٽان ڪابه اهڙي شيءَ ناهي ملي جنهن سان انهن جي سڃاڻپ ٿي سگهي.
پوليس موجب روڊ حادثي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ نيشنل هاءِ وي تي هڪ لوڊ ٽرالر ايندي نظر اچي رهيو آهي. موٽر سايئڪل تي سوار 2 ڄڻا غلط سائيڊ تان تيز رفتاي سان اچي رهيا آهن. جڏهن ته ڊرائيور لوڊ ٽرالر پنهنجي کاٻي هٿ سان موڙيندي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر موٽر سائيڪل سوار تيز رفتاري سبب ٽرالر جي وچولي حصي سان ٽڪرائجي ٽرالر جي پٺئين ٽائرن هيٺيان چيڀاٽجي ويا. پوليس موجب فوت ٿي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
هوڏانهن گڏاپ سٽي جي علائقي سپر هاءِ وي ذڪريا ڳوٺ پل جي ڀرسان ٽرڪ مان ڪري 10 سالن جو نينگر فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل نينگر جي لاش ڇيپا ايمبولينس جي ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪئي وئي. ڇيپا ترجمان موجب فوت ٿي ويل نينگر جي سڃاڻپ 10 ورهين جي ڪاشف ولد لال محمد جي نالي سان ڪئي وئي.
پوليس موجب حادثو اتفاقيه طور تي پيش آيو، وارثن قانوني ڪارروائي کان انڪار ڪيو. مقتول ذڪريا ڳوٺ جو ئي رهواسي هو، پوليس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language