welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به برسات: سوين گهر ڊهي پيا: ٽن ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت: گڊو تي اڄ وڏي ٻوڏ جو امڪان

ڪراچي:(اڱارو 09 سيپٽمبر 2025ع)سڄي سنڌ ۾ برسات ٻئي ڏينهن به جاري رهي، مختلف علائقن ۾ جايون ڪرڻ ۽ حادثن ۾ ٽن ٻارن سمت 7 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. سوين گهر ڊهي پيا. مليل اطلاعن موجب ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪاڇي کان ڪارونجهر تائين ڪالهه ٻئي ڏينهن به سنڌ ۾ برسات جاري رهي. جنهن ڪري مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو. ڪراچي ۾ ملير، ڪورنگي، ڪياماڙي سميت ڪراچي جي علائقن صدر، ڊفينس، ڪلفٽن، صدر، گلشن اقبال، گلستان، جوهر، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو جاري رهيو، جنهن سبب شاهراهه فيصل، آءِ آءِ چندريگر ، 3 تلوار تي ٽريفڪ جام ٿي وئي، هوڏانهن کير ٿر رينج ۾ تيز برسات سبب ملير ندي وهي آئي، جنهن ۾ ننڍي درجي جي ٻوڏ جا وهڪرا هلي رهيا هئا. روهڙي ويجهو برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ سبب پنج معصوم ٻارڙا دٻجي ويا، اسپتال ويندي 3 ٻار فوت، 2 زخمي ٿي پيا، پٽڻي ٿاڻي جي حد ٽنڊو بوراه جي نئين آبادي گداڙو واري علائقي ۾ برسات سبب گهر جي ديوار ڪرڻ جي نتيجي ۾ پنج ٻار هيٺ اچي دٻجي ويا جن کي علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت بيهوشي جي حالت ۾ تعلقا اسپتال روهڙي پهچايو، جتي ڊاڪٽرن پاران ڏهن ورهين جي خالد پٽ ڪريم بخش ابڙو ، يارنهن ورهين جي عنايت پٽ روشن ابڙو ۽ اٺن ورهين جي شاھ زيب پٽ شفيع محمد شيخ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته نون ورهين جي طارق حسين ۽ 7 ورهين جي طاهر پٽ حسين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب سکر جي سول اسپتال ريفر ڪيو ويو. سکر ۾ 13 ورهين جو نينگر آذان ولد عبد الفتاح شيخ برسات سبب بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. پوليس موجب ميونسپل اسٽڊيم ۾ ڪرڪيٽ کيڏندڙ نينگر بال کڻڻ ويو ته بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ڪنڌرا شهر سميت علائقي اندر گذريل رات کان شروع ٿيل مسلسل زور دار برسات جو وسڪارو وقفي وقفي سان جاري آهي، مواصلاتي نظام مفلوج ٿي ويو، سکر ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان پيل برسات انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي، سکر جا اڪثر روڊ رستا، چوڪ، چوراها، گهٽيون، محلا پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ٺري ميرواھ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻن ڏينھن وقفي وقفي سان تيز طوفاني برسات جو سلسلو جاري آھي، برسات سبب ھيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي بيھجي ويو، جڏھن ته ووئڻن جي تيار فصل ۾ ڦٽي جي چونڊائي دوران اچانڪ برساتن سبب آبادگارن پاران سخت نقصان پوڻ جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي، گمبٽ ۽ ڀرپاسي برسات جاري آهي، شهر جي اڪثر علائقن ڀٽائي چوڪ، اسٽيشن روڊ، راڻيپور روڊ، پراڻي نيشنل بينڪ آفيس، مسڻ محلا، پير محلا، گمس روڊ سميت ٻين هنڌن تي برساتي پاڻي تلائن وانگر بيهجي ويو، بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي جي علائقن بگودڙو نصير فقير جلالاڻي ٽالپر ننڍا ٽالپر وڏا مٽ نور بوزدار سميت ٻين علائقن ۾ گذريل رات پيل تيز برسات بعد وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب شهر بوزدار وڏا جي چوڪن چوراهن گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، دادو شهر ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ سومر جي رات کان شروع ٿيل تيز برسات وقفي وقفي سان جاري رهڻ ڪري دادو شهر جي 24 وارڊن کي برسات سان گڏ ڊرينيج جي گندي پاڻي ٻوڙي ڇڏيو آھي ، 17 ڪلاڪن کان جاري رهندڙ برسات سبب ڪاليج روڊ، نيو چوڪ ، سئنيما چوڪ ، اسٽيشن روڊ، شاهي بازار، جڙيل شاھ مارڪيٽ، ضلع ڪائونسل روڊ، موندر ناڪو ، پوليس ھيڊ ڪوارٽر روڊ، موندر ناڪو ، مرکپور ، مارڪيٽ روڊ سميت شهر جي سمورن پاڙن، ڪالونين جي روڊن ، رستن تي ڏيڍ کان ٻه فوٽ پاڻي بيهي ويو آهي، جاتي سميت مختلف علائقن توڙي ساحلي پٽي تيز طوفاني هوائن سان برسات سبب پاڻي بهيجي ويو ، گولاڙچي ۾ ٻن کان ڏينھن جاري شديد برسات سبب ھيٺاھين وارا علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ، جڏھن ته شھر جي وارڊ 4 جي ڪچي آبادي ۾ ھڪ گھر جي اڱڻ ۾ وڄ ڪرڻ سبب 12 سالا نينگر شڪيل ڀيل پٽ عارب سڙي فوت ٿي پيو، ترائي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان زوردار برسات جاري آهي، جنهن سبب ترائي شهر ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ پاڻي گهرن، مارڪيٽن ۽ گهٽين ۾ داخل ٿي ويو آهي۔ گلاب لغاري ۾ ٻي ڏينهن به برسات جو تيز وسڪارو ٿيو جنهن جي ڪري هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو غلام الله ۾ برسات جي وسڪاري هيٺائين وارن علائقن کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آھي، ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڏونگري جو روڊ گوڙڌڙو ندي ۾ لڙهي ويو رهواسين جو شهر سان رابطو ڪٽجي ويو مٺي سميت ٿر جي مختلف شھرن ۾ ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو۔ مٺي۔ اسلام ڪوٽ۔ ننگرپارڪر۔ ڏيپلو۔ ڪلوئي۔ ڇاڇرو ۔ چيلهار سميت مختلف شھرن ۾ برسات سبب هيٺيائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ ڪيترائي گهر پاڻي داخل ٿيڻ سبب ڊھڻ شروع ٿي ويا آھن۔ جڏهن ته ضلع انتظاميه برسات متاثرن جي واهر لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو ۔ متاثرين بي يارو مددگار بڻيل آھن ٻئي طرف ٿر تي هلندڙ برسات تي ماروئڙن جي مرجهايل چھرن تي خوشي جا گلاب ٽڙيل آھن ۔ هر طرف جشن جو سماع آھي۔ مسلسل برسات جاري رهڻ جي صورت ۾ پورهيتن جي ڪچن گهرن ڊھڻ جو خدشو ٻڌايو وڃي ٿو ڏيپلي شھر ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ ٻئي ڏينھن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، 48 ڪلاڪن دوران 230 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آھي برسات سبب تعلقه اسپتال سميت شھر جا ھيٺاھين وارا بدين اسٽاپ ، پنڃارا محله، مڱڻهار محلو،ﷲ والا چوڪ حاميد پارڪ جا علائقن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿيڻ سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر رهيون سجاول ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ گذريل 36 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جو ڪنھن مھل ھلڪو ته ڪنھن مھل زوردار وسڪارو جاري رھيو. مسلسل برسات وسڻ کان پوء ٽائون ڪميٽي سجاول جي انتظاميا جي نااھلي سبب شھر جي ھيٺيائين واري علائقن خاصخيلي محلو، ڪيرائي محلو، علي ٽائون، نواز علي شاھ محلي ۾ برساتي پاڻي بيھيجي وڃڻ ڪري علائقي واسين کي سخت پريشاني کي منھن ڏيڻو پئجي ويو. گھوڙاٻاري سميت ساحلي پٽي جي ننڍن وڏن شھرن سانولپور، بڪيرا اسٽاپ ، گيل موري، 103 موري، گليل، آچار ڪالوني، درويش ، پير پٺو ۽ ور سميت آس پاس علائقن ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان ڪڏھن تيز ته ڪڏھن گھٽ برسات جو سلسلو جاري آهي ڀان سيدآباد شهر ۾ تيز برسات سبب مک علائقا مين چونڪ سخي سيد سليمان شاھ ڪالوني عارف شاھ محلا اسٽيشن روڊ سميت شهر ٽائون آفيس ۾ برساتي پاڻي بيهجي آهي نوري آباد جي ڪوھستاني پٽي سميت ھر ننڍي وڏي شھر سميت ڳوٺن ۾ سانوڻي جي برساتن جو وسڪارو پڻ جاري آھي، ڪوھستاني پٽي ۾ برساتون پوڻ ڪري سموريون نيون، نالا، ڍورا وھي اچڻ سان گڏ کيٽ، ترايون ۽ پاڻي جا تلاء بہ برساتي پاڻي سان ڀرجي ويا آھن، ڦل شهر ۽ آسپاس گذريل رات دير سان شروع ٿيل برسات وقفي وقفي سان سڄو ڏينهن جاري رهي، برسات سبب ڪپھه، سارين، ڀاڄين سميت مختلف فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو خدشو آهي، دوڙ شھر ۽ پسگردائيءَ ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به تيز برسات جا وسڪارا جاري رهيا، هيٺين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته وونئڻن، ترن سميت ٻين فصلن کي سخت نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، ڪوٽڙي ۽ سائيٽ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو سڄي رات ۽ سڄو ڏينهن جاري رهيو، ٽنڊو محمد خان ۾ ٻئي ڏينھن به برسات جا وسڪارا وقفي وقفي سان جاري رھيا ، جنهن جي ڪري شهر جا اڪثر علائقا برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ميھڙ شھر سميت تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ علائقن ٿرڙي محبت ، راڌڻ ، فريدآباد، قاضي عارف ، شاه پنجو ، نئون ڳوٺ ۾ گذريل رات کان ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪو وسڪارو ٿيو آھي دريا خان مري، منگيا موري، تيتري چاناري سميت آسپاس وارن علائقن ۾ ٻئي ڏينھن به وقفي وقفي سان تيز برسات سبب ھيٺاھين وارن علائقن ۾ پاڻي بيھجي ويو، برسات سبب وونئڻن، ترن جي تيار ٿيل فصل کي سخت نقصان جو انديشو آهي، ڪنڊيارو ۽ ڀرپاسي محبت ديرو۔ڪمال ديروڀ بکري سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ رات دير سان برسات پئي، هيٺانهين وارا علائقا مراد علي شاهه سينٽر، عيدگاه روڊ، اسٽار چوڪ تي ڳوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، محبت ديرو ۾ گذريل رات کان وٺي مسلسل تيز برسات پوڻ سبب شهر جي گهٽين، رستن ۽ ڪيترن ئي گهرن ۾ برساتي پاڻي گهرن جمع ٿي ويو ۽ شهري گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن. گپچاڻي ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان تيز برسات وسندي رهي، برسات سبب هيٺاهين وارن هنڌن ۾ پاڻي بيهجي ويو، آبادگارن جي پوکيل وونئڻن ۽ بصرن کي نقصان جو پڻ انديشو آهي، ڀرياسٽي ۽ آسپاس جي مخلتف علائقن دالي، دريا خان جلباڻي، ڪانڃر جلباڻي، ڪوڙو ميمڻ، کاھي قاسم، منگو سميت آسپاس جي علائقن ۾ گذريل 12 ڪلاڪن کان مسلسل برسات جاري رھي، برسات سبب وونئڻن، ڪمند، گوار، جوئر ۽ ڀاڄين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خدشو آھي، نوشھروفيروز ۽ مورو جي آسپاس وارن علائقن شھرن ڳوٺن ۾ برسات مسلسل جاري، ڪمند، وونئڻن کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خدشو آهي، ميرپورخاص سميت آس پاس وارن علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به چوماسي برسات وقفي وقفي سان جاري رهي، جنهن دوران بجلي غائب رهي ۽ شھري عذاب ۾ مبتلا رهيا. برسات سبب ٽي ايم سي مير شير محمد ٽالپر آفيس جي ڪجهه حصي جي ڇت ڪري پئي ۽ شهر جا ڪيترائي گھر ٽمي پيا , برسات سبب شھر جو ڪاروبار ٺپ ڪيترنئي علائقن ۾ ڦُٽِيءَ جو بيٺل فصل تباهه ٿيڻ ڪري آباد گارن جا مٿي تي اچي ويا. عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ ڀڏيلي ۾ هلندڙ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو مارو پٽ ناگو ڪولهي فوت ٿي ويو ۽ ٽي ڄڻا ماروان زال ناگو ڪولهي ناگو پٽ نومجي ڪولهي ۽ شانتي ڌي هيرو ڪولهي شديد زخمي ٿي پيا فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته زخمين کي سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ طبي امداد ڏني وئي جتي طبعيت سڌرندڙ آھي ٻئي طرف فوتي نوجوان مارو جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي وئي واقعي جو اطلاع ملڻ تي پ پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاه سول اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي. هوڏانهن برسات گھڻو وقت جاري رھڻ ۽ سج جي روشني نه نڪرڻ سبب زرعي فصلن خاص ڪري ڦُٽين ۽ مرچن جي فصل کي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي جڏھن ته ٿر وارن علائقن ۾ گوار ٻاجھر توڙي ٻين فصلن کي وڏو فائدو رسندو مارو ماڻھن جي چھرن تي مرڪون تري آيون آھن. ڪنري تعلقي ۾ ٻئي ڏينھن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، تعلقي ۾ 36 ڪلاڪن دوران 90 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، اڪثر بازارن ۽ گھٽين ۾ برساتي پاڻي جمع ٿي ويو ۽ برسات سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر رهيون. لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل آچر ۽ سومر جي وچ ڌاري رات دير سان شروع ٿيل برساتن جو سلسلو ڪالهه رات دير تائين وقفي وقفي سان جاري رهيو جنهن ڪري گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي ويو، برسات دوران سيپڪو انتظاميه طرفان شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل معطلي ڪئي وئي، شهر جي مختلف علائقن ۾ پيل 21 ملي ميٽر برسات سبب شهر جي سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ حاضري معمول کان گهٽ رهي، سول اسپتال، اي ايس پي آفيس روڊ، سول لائين ٿاڻو، رحمت پور ٿاڻو، پير سرڪٽيو روڊ، نشتر روڊ، ميروخان چوڪ، ڀينس ڪالوني، نظر محلا ۽ ٻين علائقن سميت سرڪاري توڙي خانگي آفيسون ۽ تعليمي ادارا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا. اهم روڊن، رستن ۽ چوڪن تي برساتي پاڻي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو، ڪشمور جي ڳوٺ شير محمد نائچ ۾ بجلي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ھڪ ئي گهر جون 2 عورتون ٿڏي تي فوت ٿي ويون گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ڪشمور جي ڳوٺ شير محمد نائچ واسڻ بينظير نائچ مسمات ڪرمون نائڇ بجلي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويون. فوتي عورتون ڪپڙا سڪائڻ دوران ڀرمان گذرندڙ بجلي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويون آهن سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي نائچ برادري سميت علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي، شڪارپور ۾ ٻن ڪلاڪن جي برسات شھر کي ٻوڙي ڇڏيو، روڊن ۽ رستن تي برساتي ۽ گٽرن جي پاڻي جو تلاءَ بڻجي ويو جماڻي هال، نيو فوجداري روڊ، سرڪيولر روڊ، الله آباد ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻه کان ٽي فٽ تائين برساتي پاڻي بيهي ويو، جنهن سبب شهري سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا آھن ۽ اسڪولي بارڙن کي اسڪول اچڻ وڃڻ ۾ به سخت تڪليف ٿي وڳڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن خيرو جتوئي، ٿرڙي ھاشم ،ياروديرو چئوديرو آلي کبڙ ، جعفراڻي ، سميت مختلف علائقن ۾ هوا سان گڏ هلڪي هلڪي برسات وقفي وقفي سان جاري رهي. گرميءَ جو زور ٽٽي ويو ۽ بجليءَ بند ٿي وئي. سارين جي بيٺل فصل کي نقصان جو خدشو آهي قبوسعيدخان ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان زوردار برسات جاري رهي ، جنهن سبب علائقي ۾ گرميءَ جو زور ختم ٿي ويو ۽ ماڻهن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي. ان ڏس ۾ قبوسعيدخان شاه وسايو، ڪچي پل، ستانوي پل، ڪوٽ شهبيگ، پتو جا شاخ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ وقفي وقفي سان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهيو جڏهن ته بجليءَ جو نظام درهم برهم رهيو. قاضي احمد ۾ ٻئي ڏينهن به کنوڻ گوڙ جي گجگوڙ سان تيز طوفاني برسات سبب شهر جي اھم روڊن تي پاڻي بيھجي ويو ٺاروشاهه، درٻيلو، مڃٺ، ڀورٽي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ برسات جاري آهي، برسات سبب شھر تلاءَ جا ڏيک ڏيڻ لڳا، ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي ھوا سان گڏ تيز برسات، روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا، ڦُٽي جي تيار ٿيل فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي، مبارڪپور ، لوھي روپھر ۽ ٻين علائقن ۾ ھوا سان گڏ تيز برسات سبب شھر توڙي ٻھراڙي جي روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو آھي، چونڊڪو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري، برسات سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، آبادگارن کي لکين رپين جي نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، خيرپور ۾ تيز هوا سان گڏ برسات ضلعي انتظاميا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، روڊ رستن تي برساتي پاڻيءَ جا تلاءَ لڳي ويا، بجليءَ جو نظام درهم برهم ٿي ويو، شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا. اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، شهر جي مک روڊن رستن گهٽين ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، کڪاوان ۽ ڪچا گهر برسات سبب ٽمي پيا، ڪپهه جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، جان محمد سوسائٽي ۽ ڀرپاسي ۾ ھوا سان گڏ تيز برسات، روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا، وونئڻن جي تيار ٿيل فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي، قاضي بادل مهر، صالح مهر، شهيد سورهيه بادشاھ ۽ ٻين علائقن ۾ ھوا سان گڏ تيز برسات سبب شھر توڙي ٻھراڙي جي روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو آھي، تيار فصل سخت متاثر ٿيو آھي، رائونتي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل رات کان وٺي وفقي وفقي سان تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ تيز برسات جو سلسلو جاري، برسات پوڻ سبب بجلي فراهمي معطل ٿي وئي، تيار ٿيل ڦٽي جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، کپرو ۽ ڀرپاسي ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سبب گهرن ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي، ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، شهر جا مک روڊ ۽ علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، فيض گنج ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان گڏ برسات پئي آهي، روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو، وونئڻن جي فصل کي نقصان پوڻ جو امڪان آهي، شاهپورچاڪر ۽ ڀرپاسي ڪيترن ڪلاڪن کان برسات جاري، مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) گڊو بئراج تي وڏي ٻوڏ جا وهڪرا پهچڻ شروع ٿي ويا. پنجند بئراج وٽ وري پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي، جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ لک ٽيهه ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ لاٿ اچي چڪي آهي. ساڳئي ريت تونسا بئراج جي هيٺاهين پاسي به 11 هزار ڪيوسڪ جي لاٿ ريڪارڊ ڪئي ويئي. ڪالهه گڊوبئراج تي مٿانهين پاسي پاڻي جا وهڪرا 4 لک 25813 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته هيٺاهين پاسي 3 لک 52010 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. گڊو بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي. سکر بئراج وٽ به وچولي درجي جي ٻوڏ ٿي وئي. جتي مٿاهين پاسي 3 لک 52010 ڪيوسڪ پاڻي ريڪارڊ ڪيو ويو، ڪوٽڙي بئراج وٽ 2 لک 35243 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو، جتي پڻ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي. گڊو ۽ سکر بئراجن جي ڪئنالن جي کڻت گهٽائي پاڻي هيٺ ڇڏڻ لاءِ دروازا مٿي کنيا ويا. سنڌو درياهه ۾ تونسا بيراج جي هيٺاهين پاسي 2 لک 6642 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. پنجند وٽ چناب جي وهڪرن سان راوي ۽ ستلج جا وهڪرا ملي وڃڻ بعد وڏو چاڙهه آيل آهي. ڪالهه رات پنجند وٽ وهڪرا 4 لک 80561 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌوءَ جو گيج 9.7 فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے