welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٺٽي ۽ ڀرپاسي برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ: رهواسين جي اهنجن ۾ واڌ

ٺٽو:(اڱارو 09 سيپٽمبر 2025ع)ٺٽو ۽ ڀرپاسي لاڳيتي وسڪاري سب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ سبب سان رهواسين جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويوآهي. تفصيل موجب ٺٽي شهر ۾لاڳيتي برسات جي وسڪاري سبب شهر جي اڪثريتي پاڙن اسلام پور، بخاري، مسڻ، آگر، شاھه گوهر گنج، ڪاشيگر، واسواڻي توڙي ڊاڪٽر گلي، شهر جي شاهي بازار جي مختلف چوڪن چاندني، ڦل بازار، صرافه بازار، شيخ فريد چوڪ سميت شاهي بازار ۾ 2 کان 3 فوٽ تائين برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي، جڏهن ته شهر جي شاهي بازار ۽ ان جي مختلف چوڪن ۾ پاڻي جي بيهڻ ڪري هتان جي واپارين توڙي خريدارن کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن شهر جي مختلف هيٺائين وارن پاڙن ۾ پڻ برسات جي پاڻي جي بيهڻ ڪري شهرين کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، شهر جي ڪچي آبادي طرف تيزي سان وڌي ڪچي آبادي کي مڪمل پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، جنهنڪري هتان جي سموري ڪچي آبادي جي رهواسين ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھه ۽ مڪلي جي مٿانهين وارن هنڌن تي پناهون وٺي ڇڏيون آهن شهر جي نور هوٽل کان چاندني چوڪ ۽ شهر جي مرڪزي ڊاڪٽر گلي ۾ پڻ برساتي پاڻي جي بيهجي وڃڻ ڪري هتان کان لنگهندڙ شهرين توڙي نجي اسپتالن ڏانهن ويندڙ مريضن کي پڻ سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، هوڏانهن پڻ برسات جي تيز وسڪاري سبب ٺٽي جي ڪوهستاني علائقن براد آباد، جھمپير ، ڪوهستان ست ڀاڱي هڪ توڙي ساڏورو ۽ ٻين ڪوهستاني هنڌن تي تيز برسات جي وسڪاري سبب پڻ هتان جون نيون وهي آيون آهن، جابلو نين لوياڇ ، سوڙھه ، هڙولو ۽ ڍورن جي پڻ وهي اچڻ ڪري ڪوهستاني روڊ رستا پاڻي هيٺ اچڻ ڪري هتان جي ڪوهستان واسين جي امدرفت بند ٿي وئي آهي تيز وسڪاري سبب ٺٽو جي مختلف شهرن مڪلي ، ڇتوچنڊ ، بگھاڙ موري ، پيرپٺو ، 103 موري ، گھوڙاٻاري ، سانولپور ، گيل موري ، پٺاڻ ڪالوني ، فقير جو ڳوٺ ، ستيون ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن جي هيٺائين وارن هنڌن تي پاڻي جي بهيجي وڃڻ ڪري هتان جي رهواسين کي سخت تڪيلفن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي بجلي جو پڻ نظام ٺٽو ، مڪلي سميت ٺٽي جي ڀرپاسي وارن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ درهم برهم ٿي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے