welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قطر ڪنهن به اهڙي ڪارروائي کي قبول نه ڪندو جيڪو ان جي سلامتي ۽ خودمختياري کي نشانو بڻائي: اسرائيلي حملي تي قطر جو ردعمل

دوحا:(اربع 10 سيپٽمبر 2025ع)قطر گادي واري هنڌ دوحا ۾ اسرائيلي هوائي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هو اهڙي ڪنهن به ڪارروائي کي قبول نه ڪندو جيڪو ان جي سلامتي ۽ خودمختياري کي نشانو بڻائي. اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته هن قطر تي هوائي حملي ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سڀ کان سينئر اڳواڻ خليل الحيا ۽ ٻين کي نشانو بڻايو. اسرائيلي فوج پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي هوائي فوج دوحا ۾ حماس جي اعليٰ قيادت کي نشانو بڻايو. حماس ذريعن موجب، هوائي حملي وقت ڪيترن ئي حماس اڳواڻن جو اجلاس جاري هو، ۽ حماس اڳواڻ غزه ۾ جنگ بندي جي آمريڪي صدر جي تجويز تي غور ڪري رهيا هئا. بهرحال، حماس چيو آهي ته اجلاس ۾ موجود حماس اڳواڻ اسرائيلي حملي کان محفوظ آهن. اسرائيلي حملي کان پوءِ، قطري پرڏيهي وزارت طرفان سخت رد عمل سامهون آيو آهي. قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر ماجد بن محمد الانصاري موجب، قطر گادي واري هنڌ دوحا ۾ اسرائيل جي رهائشي عمارتن ۽ حماس قيادت کي نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو. قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته هي مجرمانه حملو بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي ۽ قطر ۾ رهندڙ قطري شهرين ۽ رهواسين جي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو پيدا ڪري ٿو. ترجمان موجب، سيڪيورٽي فورسز، سول ڊفينس ۽ لاڳاپيل ادارن فوري طور تي واقعي کي منهن ڏيڻ ۽ رهائشي علائقن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته قطر حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ واضح ڪري ٿو ته هو اسرائيل جي هن غير ذميواراڻي رويي ۽ علائقي ۾ امن جي جاري خلل کي برداشت نه ڪندو، ۽ نه ئي اهڙي ڪنهن به ڪارروائي کي قبول ڪندو جيڪو ان جي سلامتي ۽ خودمختياري کي نشانو بڻائي. وزارت وڌيڪ چيو ته هڪ اعليٰ سطحي جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ تفصيل جلد ئي جاري ڪيا ويندا جيئن اهي دستياب هوندا. هڪ اسرائيلي عهديدار چيو ته دوحا ۾ حماس جي اڳواڻن تي حملي کان اڳ آمريڪا کي اطلاع ڏنو ويو هو، ۽ آمريڪا حماس جي اڳواڻن تي حملي ۾ مدد پڻ فراهم ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے