welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪمشنر ڪراچي اڄ شهر جا سڀئي اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي:(اربع 10 سيپٽمبر 2025ع)ڪراچي ۾ برسات سبب اڄ اسڪولن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪمشنر ڪراچي چيو ته شهر جا سڀئي تعليمي ادارا اڄ بند رهندا، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. اڱاري جي صبح کان شهر جي اڪثر علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي ۽ تيز برسات ٿي رهي آهي، جن ۾ ملير، قائد آباد، شاهه فيصل ڪالوني، سرجاني ٽائون، صفورا، گلستان جوهر، سهراب ڳوٺ، صدر، ڪلفٽن، شاهراهه فيصل شامل آهن. اڱاري جي رات 8 وڳي تيز برسات شروع ٿي، جنهن سبب شاهراهه فيصل، ڊرگ روڊ انڊر پاس جي ويجهو، ماڊل ڪالوني، راشد منهاس روڊ، نيپا، صفورا ۽ ملير جي علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو ۽ ٽريفڪ جي وهڪري کي متاثر ڪيو. اهڙي طرح ڪراچي شهر جي ٻين علائقن ۾ به تيز برسات پئي، جن ۾ گلشن اقبال، گلستان جوهر، ناظم آباد ۽ سائيٽ ايريا شامل آهن. موسميات کاتي ايندڙ هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ برسات جي نئين لهر جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب، سسٽم جو مرڪز اڃا تائين ڪراچي جي ويجهو نه پهتو آهي ۽ شهر ۾ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ مينهن جو هڪ نئون سلسلو اچي سگهي ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے