welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اوٻاوڙو مان گم 2 نينگرن جي اغوا جي تصديق، ڀنگ طلب

اوٻاوڙو:(اڱارو 09 سيپٽمبر 2025ع)اوٻاوڙو غريب آباد محلي جا رهواسي 8 ڏينهن اڳ گم ڄاڻايل نينگرن جي وارثن پاران اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي، اٺ ڏينهن اڳ عثمان سومرو ۽ سرفراز سومرو جيڪا گهران نڪري ويا هئا، ڪافي ڳولا ڪرڻ بعد نينگرن جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو هو، جتي وارث نذير سومرو موجب ته اڄ هڪ رونگ نمبر تان ڪال آئي، جنهن ٻڌايو ته نينگر توهان جا اسان وٽ آهن پئسن جو بندوبست ڪيو، اهڙي فون اچڻ کان پوءِ اسين نينگرن جي اغوا ٿيڻ جي رپوٽ اوٻاوڙو ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، وارثن وڌيڪ چيو ته اسين انتهائي غريب مسڪين آهيون، پوليس اسان جي نينگرن جي بازيابي لاءِ فوري طور قدم کڻي، اسان جا نينگر ڌاڙيلن جي چنبي مان آزد ڪرائي ڏنا وڃن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے