welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀٽ شاهه ۾ هٿياربندن هوٽل تان ٻن ڀائرن تي سڏي فائرنگ ڪري ڏني: هڪ قتل، ٻيو زخمي

ڀٽ شاھ:(اڱارو 09 سيپٽمبر 2025ع)ڀٽ شاهه جي نگري ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي، شهر جي مک الله والا چوڪ تي ڪار سوار نامعلوم هٿياربند هوٽل تي ڪم ڪندڙ لاشاري برادري جي ٻن ڀائرن کي سڏ ڪري گوليون هڻي آساني سان فرار ٿي ويا آهن، گوليون لڳڻ ڪري 18 سالن جو انور علي ولد عبدالرحمان لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ 20 سالن جو منصب علي لاشاري زخمي ٿي پيو آهي، فوتي شخص انور علي لاشاري جو لاش ڀٽ شاھه صحت مرڪز پهچايو ويو، جڏهن ته زخمي ٿيل نوجوان منصب علي لاشاري کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي، اطلاع باوجود پوليس جي دير سان پهچڻ ڪري هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا، مقتول نوجوان جي وارثن لاش رکي انصاف جي فراهمي، قاتلن جي گرفتاري ۽ نااهل پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي فوتي ۽ زخمي ٿيل نوجوانن جي ڀاءُ اوغان علي لاشاري،حبيب الله لاشاري، ريحان لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي جي ڪري جوابدار واردات ڪري فرار ٿي ويا آهن، ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي پوليس فائرنگ باوجود نه پهتي آهي اطلاع ملڻ باوجود به پوليس دير سان پهتي ۽ هٿياربند آساني سان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آهن، فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڊي ايس پي ھالا محمد يعقوب ٻرڙو ۽ ڊي آئي بي انچارج ذوالفقار علي لاشاري مظاهرين سان ڳالهيون ڪري قاتلن جي گرفتاري جي يقين دهاني ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. ڀٽ شاهه ڀٽ شاهه ۾ قتل ٿيل نوجوان انور علي لاشاري جي قتل جو ڪيس ڀٽ شاھ ٿاڻي تي 4 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدارن کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ لاءِ نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان انور علي لاشاري جي ڀاءُ ريحان لاشاري جي فرياد تي علي حيدر، محمد ڪاظمي ،ڪاشان کوسو ۽ حسان ميمڻ خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو پوليس ڪيس داخل ڪري ڪيس ۾ نامزد علي حيدر، محمد ڪاظمي ۽ ڪاشان کوسو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو حراست ۾ ورتل ڪيس ۾ نامزد ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي هو فريادي ريحان لاشاري ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته نامزد جوابدارن هوٽل تي چانھ پيئڻ بعد پئسا گهرڻ تي منهن ماري بعد گوليون هڻي هڪ ڀاءُ انور علي کي قتل ۽ ٻي ڀاءُ منصب کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. پوليس پاران حراست ۾ ورتل جوابدارن بابت تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڀٽ شاهه: پوليس پاران حراست ۾ ورتل ٽنهي جوابدارن بابت وڌيڪ ڪي به تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيلن جو تعلق ڀٽ شاھه سان آهي پوليس موجب ڪجهه ماڻهن کي جاچ لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي، اميد ته ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي. مقتول ۽ زخمي ڀائرن جو تعلق جيڪب آباد سان ٻڌايو ويو ڀٽ شاهه: فوتي ۽ زخمي ٿيل ٻنهي ڀائرن جو تعلق ڀٽ شاھه جي پير محلي ڪچي آبادي سان آهي. جيڪي هوٽل تي ڪم ڪندڙ آهن جن جو اصل تعلق جيڪب آباد جي علائقي سان آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀٽ شاھه ۾ ويٺل آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے