
رستم:(ڇنڇر 30 آگسٽ 2025ع)رستم ويجھو 19 ڏينھن اڳ 16 ورھين جي ناري صنم ڌيءُ اختر بروھي سان پسند جي شادي جي لاءِ گهران نڪتل 22 ورھين جي نوجوان مير احمد پٽ يار محمد بروھي جو گوليون لڳل لاش چمن سکپور ڀرسان ريگيوليٽر مان ھٿ ڪيو ويو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻاڻي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب نوجوان جو موت لوندڙي ۽ نڙيءَ ۾ ٻه گوليون لڳڻ ڪري واقع ٿيو آھي، مقتول نوجوان جي ويڳي ماءُ زر بيبي زال يار محمد بروھي اسپتال پھچي نوجوان جي سڃاڻپ مير احمد پٽ يار محمد بروھي طور ڪئي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
نوجوان ناري سان گڏ پسند شادي لاءِ نڪري ويو هو: پوليس
رستم: پوليس ٻڌايو ته مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته سندن نوجوان 10 آگسٽ جي ڏينھن رستم شھر واسڻ ناري صنم ڌيءُ اختر بروھي سان گڏ پسند جي شادي جي لاءِ نڪري ويو هو، شڪ آهي ته کيس دوستن غداري ڪري قتل ڪرڻ بعد سندس لاش پاڻي ۾ لوڙھي ڇڏيو، جڏهن ته ناري کي جوابدارن گم ڪري ڇڏيو آهي، نوجوان جي وارثن جو به چوڻ ھو ته مقتول نوجوان مير احمد بروھي دوستن وٽ ويو ته سندس قتل جو واقعو پيش آيو آھي.
مبينا طور قتل ٿيل نوجوان تي ناري جي اغوا جو ڪيس داخل هو
رستم: ناري صنم بروھي جي چاچي نذير احمد بروھي رستم ٿاڻي تي ھڪ سڃاتل جوابدار مير احمد بروھي سميت 5 جوابدارن خلاف ڇوڪري کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ھو، جنھن ۾ چئن ڄڻن کي اڻڄاتل ڄاڻايو ويو ھو، ان ڏس ۾ ناري صنم بروھي جي وارثن سان به ڳالھه ٻولھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر رابطو نه ٿي سگھيو.
پٽ کي قتل ڪري لاش لوڙهيو ويو، منهن جا نشان به نه بچيا آهن: زر بيبي بروهي
رستم: پيرسن عورت زر بيبي زال يار محمد بروھي پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مقتول ويڳي پٽ جي سڃاڻپ کيس ڳچيءَ ۾ پاتل ڌاڳي ۽ ھڪ نشاني طور ظاھر ٿيندڙ ڏند تي ڪئي آھي، جوابدارن پٽ کي قتل ڪري سندس لاش پاڻي ۾ لوڙھي ڇڏيو آھي، مقتول جو لاش تمام گھڻو خراب ٿي ويو آھي، سندس منھن جا به نشان نه بچيا آھن.
نوجوان جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري نه ٿي سگهي
رستم: اسپتال انتظاميا طرفان نوجوان جي لاش بابت ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڪجھه به نه ٻڌايو ويو، جڏهن ته پوليس واقعي جو ڪيس به داخل نه ڪري سگهي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language