welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جاپان ۾ طوفان پيپا تباهي مچائي ڇڏي، ڇتون ۽ ڪارون اڏائي ڇڏيون

ٽوڪيو:(ڇنڇر 06 سيپٽمبر 2025ع)جاپان ۾ طوفان پيپا سخت نقصان پهچايو، ڇتون ۽ ڪارون اڏامي ويون. جاپاني ميڊيا موجب، شيزوڪا صوبي ۾ طوفان سبب 220 کان وڌيڪ عمارتون متاثر ٿيون، مڪينوهارا شهر ۾ هڪ بس اونڌي ٿي وئي، ۽ بجلي جا پول پڻ ڪري پيا. مختلف علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 23 ماڻهو زخمي ٿيا، ڪيترن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ۽ جاپاني اختيارين امدادي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. جاپاني ميڊيا چيو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ٽرين سروس معطل ڪئي وئي، ۽ عوام کي سفر کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي. موسمياتي ايجنسي وڌيڪ مينهن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي خبرداري جاري ڪئي، ۽ هڪ شخص جي طوفان ۾ ٻڏي وڃڻ جو خدشو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے