welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪا ۽ وينزويلا ۾ ڇڪتاڻ، ٽرمپ پاران پورٽو ريڪو ۾ 10 ايف-35 جنگي جهاز موڪلڻ جو اعلان

پويٽوريڪو:(ڇنڇر 06 سيپٽمبر 2025ع)آمريڪا ۽ وينزويلا جي وچ ۾ تڪرار خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي، آمريڪي صدر پورٽو ريڪو ۾ 10 ايف-35 جنگي جهاز موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. آفيسرن موجب، آمريڪي فوجي جهاز موڪلڻ جو مقصد صدر مادورو تي دٻاءُ وجهڻ آهي. صدر ٽرمپ چيو ته وينزويلا جو صدر هڪ منشيات جي اسمگلر جو سربراهه آهي، جڏهن ته پنهنجي جواب ۾، صدر مادورو چيو ته ٽرمپ وينزويلا جو تيل چوري ڪرڻ چاهي ٿو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا ۽ وينزويلا جي وچ ۾ تڪرار آمريڪي حملي کان پوءِ تيز ٿي ويو، جڏهن آمريڪي فوجن وينزويلا جي هڪ ٻيڙي تي بمباري ڪئي. ٻيڙي تي حملي ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا، جن کي آمريڪا سمگلر قرار ڏنو. آمريڪا چيو ته مارجي ويل ماڻهو منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث هئا ۽ مجرم هئا. وينزويلا آمريڪا تي وينزويلا جي شهرين جي غير عدالتي قتل جو الزام لڳايو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے