
شھدادپور:(ڇنڇر 30 آگسٽ 2025ع)شهدادپور تعلقي جي ڳوٺ محمد هاشم خاصخيلي مان هڪ ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل 6 ورهين جي نينگر محسن پٽ غلام حسين خاصخيلي کي سفاڪ جوابدارن بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش ٽنڊوآدم جي تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خيرو ڪلوئي ڀرسان واقع سِم نَالي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا، جتي جانور نينگر جي مختلف حصن جو ماس پَٽي کَائِي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، اطلاع تي وارث ۽ پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم آندو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا نينگر جو لاش گهر آندو ويو ته امڙ کي بيهوشي کي دورا پئجي ويا ۽ ڪهرام مچي ويو.
ڪجھه مهينا اڳ ۾ اسان جي ڀاءُ کي به قتل ڪيو ويو هو: والد
ٽنڊو آدم: نينگر جي پيءُ غلام حسين خاصخيلي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ھڪ ڏينهن اڳ راند ڪرڻ لاءِ گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو، جيڪو ڳولا باوجود هٿ نه آيو، جنهن جو سِم نالي مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آھي، هن دانهيندي چيو ته منهنجي پٽ کي جوابدارن اغوا ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪري لاش کي سِم نالي ۾ اڇلائي ويا، هن چيو ته ڪجھه مهينا اڳ ۾ اسان جي ڀاءُ کي به قتل ڪيو ويو هو. هن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
ٽنڊو آدم: نينگر جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر نعمان سولنگي ٻڌايو ته نينگر جو تيز ڌار واري اوزار سان ڳلو ڪپيو ويو آھي، جڏهن ته جسم جي مختلف حصن جو ماس جانور کائي پٽي ويا آھن ۽ کاٻي ڏنگ به گم آھي لڳي ٿو جانور پٽي کڻي ويا هجن، نينگر جو سمورو جسم خراب حالت ۾ هو، تشدد جا ظاهري طور تي ڪي به نشان نظر ناهن آيا، وڌيڪ اصل حقيقت پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي پئجي سگهندي۔ هوڏانهن تعلقي ٿاڻي تي خبر فائيل ٿيڻ تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language