
ٺٽو:(ڇنڇر 30 آگسٽ 2025ع)سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي مذهبي معاملن ۽ اوقاف، زڪوات و عشر جي صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي بيراج براءِ فلڊ ايمرجنسي رياض حسين شاهه شيرازي جي صدارت هيٺ هڪ هنگامي اجلاس چيف انجنئير ڪوٽڙي بيراج حيدرآباد جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايم اين اي صادق علي ميمڻ ، ايم اين اي طارق علي شاهه ڄاموٽ، پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر عاجز ڌامراهه، ايڊوائيزر ٽو سي ايم جبار خان، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو، تنوير حيدر شاهه شيرزاي، مدد علي شاهه ڪاظمي ۽ غلام نبي عرف نبي ٻٻر سميت سماجي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج، ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي، ڊپٽي ڪمشنرجامشورو غضنفرعلي قادري ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، آبپاشي کاتي جي عملدارن، سپرنٽينڊنگ انجنيئر بگهار سرڪل ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز سميت لاڳاپيل ادارن جا عملدار پڻ موجود هئا، اجلاس ۾آبپاشي کاتي طرفان ڪوٽڙي بيراج اسٽريم جي صورتحال ۽ حفاظتي انتظامن تي بريفنگ ڏني وئي جتي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ موثر انتظامن تي زور ڀريو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته تمام ادارا هاءِ الرٽ رهندا ته جيئن ڪنهن به امڪاني خطري کي وقت سر منهن ڏئي سگهجي. بعد ۾ سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيف انجنيئر ايريگيشن ۽ عوامي نمائندن سان گڏ سنڌ درياهه جي حفاظتي بند جو معائنو ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت مان ڇڏيل پاڻي جو ريلو پنجاب مان ٿيندي سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ سال 2010ع ۽ 2015ع وانگر هن ڀيري پڻ سيلابي صورتحال ٿي وئي آهي، هن وقت ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو وهڪرو 2 لک 53 هزار ڪيوسڪ آهي ۽ تمام حفاظتي انتظام مڪمل آهن جڏهن ته صورتحال ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته سکر بئراج مان پاڻي ڪوٽڙي بيراج تائين پهچڻ ۾ 7 کان 8 ڏينهن لڳي ويندا جنهن بعد صورتحال وڌيڪ واضح ٿيندي _ صوبائي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ته 5 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي بيراج وٽ آيو ته ڪچي جا علائقا محفوظ نه رهندا، اهڙي صورتحال جي پيش نظر ڀرپاسي جي آبادين کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ سيلابي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن _ هن وڌيڪ چيو ته ٽن هنڌن سرجاني ۽ مونارڪي سميت جتي خطرو هو اتي پڻ حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت عوام کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language