پڪو قلعو:(اڱارو 02 سيپٽمبر 2025ع)حيدرآباد ۾ حڪومت پاران پگهار ۽ پينشن اصلاحات جي نالي تي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ الائونس جي ڪٽوتي خلاف گورنمينٽ گرلس هائي اسڪول بي بي رابعيه بصري پڪي قلعي جي ماسترياڻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ماسترياڻين اسڪول اندر تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو.
ان موقعي تي هيڊ ماسترياڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هر دور ۾ سرڪاري ملازمن سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن پر تازو حڪومت هڪ نوٽيس جاري ڪيو آهي جنهن ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازم جي پينشن ۾ وڏي پيماني تي ڪٽوتي ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ملازم کي گروپ انشورنس پڻ ناهي ڏنو ويو . هنن چيو ته وفاقي سرڪار 3 صوبن جي ملازمن کي ڊي آر الائونس ڏنو آهي پر اسان سنڌ جي ملازمن سان سراسر ناانصافي ڪئي پئي وڃي.
هنن صدر پاڪستان آصف علي زرداري,ورزيراعظم شهباز شريف کي اپيل ڪئي ته سرڪاري ملازمن کي شروع کان ملندڙ پيشن ۾ ڪٽوتي واريون ترميمون واپس وٺي ملازمن کي گروپ انشورنس سوڌو ٻيا جائز ڏنا وڃن ٻئي صورت ملڪ جا سمورا سرڪاري ملازم اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻن تي مجبور هونداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language