
ٽنڊو الھيار/ چمبڙ:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)ٽنڊي الهيار ضلعي ۾ خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن خلاف سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران ڪارروائيون 18عمارتون خالي ڪرائي سيل ڪيون ويون. ٽنڊوالهيارشهر ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذيشان خان جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن ايريا بند بازار، مين بس اسٽاپ ۽ ٻين علائقن ۾ 8ننڍين وڏين عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏئي سيل ڪيو ويو ، ان موقعي تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذيشان خان چيو ته 15 ڏيهن جو وقت عمارتن کي پهنجي طريقي سان ڍاهڻ جو مالڪن کي ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن هو 15 ڏينهن ۾ عمارتن کي نه ٽوڙيندا ته هيوي مشينري زريعي انهن کي ڍاهٽو ويندو ان موقعي تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا آفيسرن پوليس ۽ محڪمه روينيو جا آفيسر پڻ موجود هئا. ٻئي طرف ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ جي اڳواڻي ۾ڪارروائي ڪري چمبڙ ۾ 10 کان وڌيڪ زبون عمارتون ۽ دڪان سيل ڪري ڇڏيا. ڊپٽي ڊائريڪٽر بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي علي رضا مري چيو ته انتظاميه نشاندھي ڪيل عمارتن جي مالڪان کي نوٽيس ڏنا ھئا، نوٽيس وصول ڪرڻ باوجود مالڪن زبون عمارتون خالي نه ڪيون، انڪري ڪارروائي ڪئي وئي، اسان سموريون جاڻايل عمارتون خالي ڪرائي سيل ڪري ڇڏيو آھيون مالڪن جيڪڏھن زبون حال بڻيل عمارتون خود نه ڪيرايون ته اسانجي ٽيڪنيڪل ٽيم انھن عمارتن کي ڊاھڻ لاءِ وڌيڪ قانوني قدم کنيا ويندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language