welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اربعين لاءِ زميني رستي تان ايران ۽ عراق وڃڻ تي پابندي لاڳو

اسلام آباد:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)اربعين جي لاءِ زميني رستي تان زيارت تي ايران ۽ عراق وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ(ايڪس) تي وفاقي گهرو وزير پيغام جاري ڪندي چيو ته زائرين صرف هوائي جهاز جي ذريعي زيارت تي ايران ۽ عراق وڃي سگهندا، زائرين کي روڊ جي ذريعي وڃڻ جي اجازت نه هوندي. گهرو وزير ٻڌايو ته اهو فيصلو عوامي تحفظ ۽ قومي سلامتي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو، پابندي جو فيصلو پرڏيهي وزارت، بلوچستان ۽ سيڪيورٽي ادارن سان مشاورت کان پوءِ ڪيو ويو. محسن نقوي چيو ته زائرين فضائي سفر جي ذريعي زيارت تي وڃي سگهندا، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي فضائي اڏامن ۾ اضافو ڪيو ويندو. گهرو وزير چيو ته اربعين زائرين جي لاءِ وڌ کان وڌ فلائٽس جو انتظام ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے