welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايران: هٿياربند ماڻهو عدالت ۾ ججن جي چيمبر ۾ داخل ٿيا، فائرنگ ڪئي، جاني نقصان جو خدشو

زاھدان:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)ايران جي شهر زاهدان ۾ عدالت تي حملي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جو خدشو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران جي سيستان صوبي جي شهر زاهدان ۾ هٿياربند ماڻهو عدالتي ڪمپائونڊ ۾ داخل ٿيا ۽ ججن جي چيمبرن تي فائرنگ ڪئي. ايران جي سرڪاري ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي اهلڪارن عدالتي ڪمپائونڊ کي گهيرو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته بچاءُ ٽيمون به واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن. عدالتي ڪمپائونڊ تي دهشتگرد حملي ۾ موت جو به خدشو آهي، پر ايراني اختيارين طرفان ان حوالي سان ڪو به بيان جاري نه ڪيو ويو آهي. ايراني ميڊيا رپورٽن موجب، جيش العدل نالي هڪ هٿياربند گروپ زاهدان ۾ عدالتي ڪمپلينڊ تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
ايران جي شهر زاهدان ۾ عدالتي ڪمپليڪس تي حملي ۾ پنج ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ ٽي دهشتگرد به مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران جي صوبي سيستان جي شهر زاهدان ۾ هٿياربند ماڻهو عدالتي ڪمپائونڊ ۾ داخل ٿيا ۽ ججن جي چيمبرن تي فائرنگ ڪئي. عدالتي ڪمپائونڊ تي دهشتگرد حملي ۾ پنج ماڻهو مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿيا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ ٽي دهشتگرد به مارجي ويا. ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب، جيش العدل نالي هڪ هٿياربند گروپ زاهدان ۾ عدالتي ڪمپلينڊ تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے