welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايف بي آر چيئرمين پنهنجون ڪوششون جاري رکي، اسان سڀ اوهان جي سپورٽ ڪري رهيا آهيون: سينيٽر فيصل واوڊا

اسلام آباد:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته ايف بي آر چيئرمين پنهنجون مثبت ڪوششون جاري رکي، اسان سڀ گڏجي اوهان کي سپورٽ ڪري رهيا آهيون. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ويلڊن چيئرمين ايف بي آر، مذڪوره ايف بي آر آفيسر کي وقت تي معطل ڪري نوڪري تان هٽائڻ جي ڪارروائي جي شروعات اوهان جو پاڪستان جي لاءِ نيڪ نيتي جو اظهار آهي. فيصل واوڊا چيو ته اسان کي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، بدمعاشي نه، ايف بي آر چيئرمين صاحب اوهان ملڪ لاءِ تمام جلد بهتر قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن پر جڏهن سموري نظام جو سسٽم ئي خراب هجي ته انهي کي بهتر ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. هن چيو ته ڪاروباري ماڻهن سان عزت، احترام ۽ پيار سان جيڪو چوندا اهي پاڪستان لاءِ ڪرڻ کان پاسو نه ڪندا اهي ئي اسان جو سرمايو آهن. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته چيئرمين صاحب اوهان پنهنجون مثبت ڪوششون جاري رکو، اسان سڀ گڏجي اوهان کي سپورٽ ڪري رهيا آهيون ۽ بهتر قدم کڻندا رهنداسين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے