welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايس يو پي جو مرڪزي صدر سيد زين شاھ نيوسعيدآباد پهتو

نيوسعيدآباد:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)ايس يو پي جو مرڪزي صدر سيد زين شاھ نيوسعيدآباد پهتو، ان موقعي تي منعقد ٿيندڙ ورڪرز ڪنوينشن ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ورڪرز ڪنوينشن ۾ سيد زين شاھ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال، عوامي حقن ۽ پاڻي کوٽ سميت ٻين اهم مسئلن تي ڳالهايو. سيد زين شاھ چيو ته سنڌ جا وسيلا سنڌين جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ آهن، پر حڪومتي نااهلي سبب ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هر سطح تي عوام جي آواز بڻجي رهي آهي ۽ جدوجهد جاري رکندي رهي آهي. ان موقعي تي ايڪشن ڪميٽي جا عھديدار سلمان لغاري، بھار سھتو، انور ٻرڙو سھيل قريشي رفيق ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے