welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽنڊوڄام: راول هائوس ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت ٻوڏ متاثرن کي تعمير ٿيل گهرن جا مالڪاڻه حق ڏيڻ لاءِ پروقار تقريب منعقد

ٽنڊو ڄام:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)راول هائوس راھوڪي ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت ٻوڏ متاثرن کي تعمير ٿيل گهرن جا مالڪاڻه حق ڏيڻ جي لاءِ هڪ پر وقار ۽ شاندار تقريب منعقد ٿي گذري ، جنهن ۾ سنڌ جي سينئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته هي تقريب معمولي نوعيت واري ناهي، پر هڪ تاريخي پيغام آهي جيڪو دنيا کي ڏنو پيو وڃي ته پيپلز پارٽي عوامي خدمت جي علامت آهي. هن واضح ڪيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ اسڪيم نه رڳو پاڪستان پر دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ پروجيڪٽ آهي، جنهن تحت 21 لک خاندانن کي مفت گهر فراهم ڪيا پيا وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي منصوبو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ان ويزن جو نتيجو آهي، جيڪو هن 2022 جي سخت برساتن ۽ ٻوڏ دوران متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ پيش ڪيو هو. هن وزيراعلي سنڌ کي هدايت ڪئي ته جتي جتي تباهي ٿي آهي، اتي ماڻهن لاءِ فوري طور تي پڪن گهرن جو انتظام ڪيو وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏو وزير شروعات ۾ پريشان ٿيو ته ايترا گهر ڪيئن تعمير ڪيا ويندا، جنهن تي بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته "هي منهنجو سياسي بيان ناهي، پر عوامي خدمت جو عزم آهي، اهي گهر ٺاهي ڏنا وڃن." ان کانپوءِ صوبائي حڪومت ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين عالمي ادارن سان رابطا ڪيا ۽ ڀرپور منصوبابندي کان پوءِ پروجيڪٽ تي عمل شروع ٿيو. هن چيو ته هن منصوبي ۾ سڀ کان خاص ڳالهه اها آهي ته گهرن جا مالڪاڻا حق متاثر خاندانن جي سربراهه عورتن جي نالي تي ڏنا پيا وڃن، جيئن نه صرف عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي پر خاندانن ۾ به استحڪام اچي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جن عورتن کي اڄ سندون ڏنيون ويون آهن، انهن جا گهر مڪمل طور تباهه ٿي چڪا هئا ۽ اهي ڪيمپن ۾ زندگي گذاري رهيون هيون. پيپلز پارٽي حڪومت انهن لاءِ مفت گهر تعمير ڪيا ۽ بئنڪن ذريعي مالي مدد پڻ ڪئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته هي منصوبو دنيا جي ٻين هائوسنگ پروجيڪٽس کان به وڏو آهي. نيپال ۾ زلزلي کان پوءِ 8 لک گهر تعمير ٿيا هئا، پر پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ 21 لک گهر ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته هي منصوبو ايترو وڏو ۽ ڪامياب آهي جو ان کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويندو . شرجيل انعام ميمڻ خطاب ۾ صحت، بجلي ۽ معاشي بهبود سان لاڳاپيل سنڌ حڪومت جي ٻين قدمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ واحد اسپتال قائم ڪئي آهي جتي ڪينسر جو مفت علاج سائبر نائف ٽيڪنالاجي ذريعي ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ ٻيون جماعتون دعوائون گهڻيون ڪنديون آهن پر ڪو به هڪ به اهڙو اسپتال نٿو ڏيکاري جتي عوام کي مفت علاج ملي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ متاثر گهرن ۾ سولر سسٽم لڳايا پيا وڃن ته جيئن انهن کي بجلي جي مسئلن مان نجات ملي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته غريب عوام کي نه رڳو مفت بجلي ڏني وڃي پر انهن کي باوقار زندگي گذارڻ جا موقعا پڻ ڏنا وڃن. هن اعلان ڪيو ته جلد ئي هڪ نئون منصوبو شروع ڪيو ويندو جيڪو روزگار ۽ معاشي خودمختياري لاءِ هوندو. شرجيل انعام ميمڻ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي 70 هين سالگره تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته صدر زرداري واحد چونڊيل صدر هو جنهن سموري آئيني طاقت پارليامينٽ کي واپس ڪري ڇڏي. هن چيو ته صدر زرداري 18هين آئيني ترميم، اين ايف سي ايورڊ، بلوچستان جي حقن جي شروعات، خيبرپختونخوا جو نالو ڏيڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙن قدمن ذريعي پاڪستاني سياست کي نئون رخ ڏنو. هن چيو ته صدر زرداري جو نعرو هو "مان قرض نٿو چاهيان، ڪاروبار ٿو چاهيان" ۽ سندن دور ۾ پاڪستان ڪڻڪ درآمد ڪندڙ کان برآمد ڪندڙ بڻيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن جماعت جي عوامي خدمت جو ذڪر ٿيندو ته اها صرف پيپلز پارٽي هوندي ڇو ته اها جماعت عوام جي خدمت کي احسان نه پر فرض سمجهي ٿي. هن چيو ته جيڪي جماعتون پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪنديون آهن، انهن کي پهريان هڪ به اهڙو منصوبو ڏيکارڻ گهرجي جيڪو انهن مڪمل ڪيو هجي. تقريب دوران سنڌ اسيمبلي جي ميمبر امداد پتافي چيو ته ٻوڏ متاثرن کي گهر ڏيڻ بلاول ڀٽو جي سوچ هئي، جنهن کي سنڌ حڪومت عملي شڪل ۾ آڻي عوامي خدمت جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. هن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت کي ساراهيو ۽ چيو ته سندس جي هدايت تحت متاثرن کي صرف گهر نٿا ڏنا وڃن پر انهن جا مڪمل قانوني حق پڻ فراهم ڪيا پيا وڃن ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي تقريب ۾ خطاب ڪيو ۽ ٻڌايو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت 45 هزار گهرن جي تعمير جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جنهن مان 99 سيڪڙو گهر مڪمل ٿي چڪا آهن. هن چيو ته انهن گهرن کي جديد انداز ۾ تعمير ڪيو ويو آهي ته جيئن برسات ۽ سيلاب جهڙين قدرتي آفتن جو اثر نه ٿئي. ڪمشنر موجب هي منصوبو عالمي سطح تي پڻ ساراهيو ويو آهي. تقريب ۾ ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ سميت ٻين معزز مهمانن به شرڪت ڪئي، بعد ۾ غريب عورتن ۾ مالڪاڻي حقن جون سندون پڻ ورهايون ويون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے