اسلام آباد:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)پاڪستان ڀارت ۾ ڪنهن به اسپورٽس مقابلي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پاڪستان اسپورٽس بورڊ سمورين قومي فيڊريشن کي ڀارت ۾ راندين جي مقابلن تي حامي ڀرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان باقاعده طور تي نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نجي ٽي وي موجب پاڪستان سيڪيورٽي سببن جي آڌار تي سمورين راندين جي ٽيمن کي ڀارت وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.
پي ايس بي جي نوٽيفڪيشن موجب ڪابه اسپورٽس فيڊريشن پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي اجازت کان سواءِ ڀارت ۾ ٿيندڙ ڪنهن به اسپورٽس ايونٽ ۾ شرڪت نه ڪندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فيڊريشن ڀارت ۾ راندين ۾ شرڪت کان اڳ پي ايس بي سان مشاورت ڪري. ترجمان پي ايس بي چيو آهي ته 23 جولاءِ تي منعقد پي ايس بي بورڊ جي اجلاس ۾ اهي فيصلا ڪيا ويا. نوٽيفڪيشن ۾ مدت مقرر نه ڪئي وئي آهي. هاڻ قومي هاڪي ٽيم ايشيا هاڪي ڪپ ۾ شريڪ نه ٿي سگهندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language