welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وفاقي حڪومت جو دهشتگردن خلاف ڪارروائين ۾ بلوچستان حڪومت جي مدد جاري رکڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائين ۾ بلوچستان حڪومت جي مدد جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته فتنته الهندستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي. رپورٽ موجب ڪوئٽه ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ بلوچستان ۾ امن امان ۽ فتنته الهندستان جي دهشتگردن جي ڳولا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو، شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. جنهن کان پوءِ گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ امنا مان بابت خصوصي اجالس ٿيو. اجلاس ۾ فتنته الهندستان جي خلاف مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين تي تفصيلي غور ڪيو ويو. انسپيڪٽر جنرل پوليس، آءِ جي ايف سي نارٿ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي اسپيش: برانچ، ڊي جي ليوز اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. گهرو کاتو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون اعليٰ اختياريون به اجلاس ۾ شريڪ هيون. وڏي وزير سرفراز بگٽي امن امان جي گڏيل صورتحال ۽ سيڪيورٽي قدمن تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ صوبائي ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ ۽ انهي ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته فتنته الهندستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي. ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد ۽ انهن جي سهولتڪارن کي آخري انجام تائين پهچائينداسين. رياست رٽ چيلينج ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بلوچستان حڪومت جي مڪمل سپورٽ جاري رکنداسين. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته اها جنگ سيڪيورٽي فورسز جي نه پوري قوم جي جنگ آهي، دهشتگردي ۾ ملوث عناصرن جي خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون ويون آهن. بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ رياستي ادارا مڪمل طور تي سرگرم آهن. سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جون قربانيون رائيگان نه وينديون هر قيمت تي امن امان قائم ڪنداسين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے