welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شڪارپور: صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري جي 70 ھين سالگرھ تقريب

شڪارپور:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)ڪماريا ھائوس ترائي تي صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري جي 70 ھين سالگرھ تقريب ٿي گذري. سالگرھ تقريب ۾ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، ذوالفقار، علي خان ڪماريو ابڙو، جي اڳواڻيءَ ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب جي شروعات ۾ عبدالقيوم ڪيھر تلاوت قرآن پاڪ پڙھي ان کان بعد ۾ جناب آصف علي زرداري صاحب جي وڏي ڄمار لاءِ سيد عبدالقادر شاھ جيلاني امروٽي دعا گھري. ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو تقريب ۾ شڪارپور ضلعي سان تعلق رکندڙ جيالن عھديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ سردار زاده بشارت، علي خان ڪماريو ابڙو اڳوڻو ضلعي نائب ناظم تقي عباس خان ڪماريو ابڙو، چيئرمين يونين ڪائونسل امروٽ شريف، سيد عبدالقادر شاھ جيلاني امروٽي، چيئرمين يونين ڪائونسل نم شريف، سردار ذوالفقار سيلرو، غلام عباس خان مرکياڻي، اڳوڻو پيپلزپارٽي سينئر تعلقي نائب صدر الھوڌايو ڪيھر، پيپلزپارٽي اڳوڻو تعلقي جنرل سيڪريٽري بشير احمد سومرو، اڳوڻو عشر زڪوات ضلعي چيئرمين اعجاز علي شاھ مشواڻي، نظير حسين شاھ مشواڻي، عبدالقيوم ڪيھر، سيد عاطف شاھ جيلاني امروٽي، غلام مرتضي پنھور، ڪوڙل خان گھانگھرو، عبدالحميد ميمڻ، عبدالطيف مڱريو، وقار احمد سھتو، گل حسن بروھي، نورالدين ميراڻي، عرفان چنو طارق ميمڻ شھزاد ابڙو، اظھر ڪيھر، سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن جيالن عھديدارن شرڪت ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے