welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلوچستان ۾ فائرنگ جو هڪ ٻيو واقعو: 3 ڄڻا قتل

ڪوئيٽا:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)بلوچستان ۾ فائرنگ جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ ايم 8 شاهراهه ڀرسان 3 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن. پوليس موجب بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ايم 8 شاهراهه جي ڀرسان 3 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن. نامعلوم ماڻهن مقتولن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو جن جي سڃاڻپ عبدالمجيد، عطاءُالرحمان ۽ ممتاز جي نالن سان آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب ٽنهي ڄڻن جو تعلق خضدار سان ئي ٻڌايو ويو آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهن طرفان ٽنهي کي فائرنگ جو نشانو بننايو ويو جنهن کان پوءِ انهن جا لاش روڊ تي اڇلايا ويا. واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي موقعي تي پهچي ويون ۽ لاشن کي ايڌي ايمبولينس جي ذريعي ٽيچنگ اسپتال خضدار منتقل ڪيو ويو. پوليس شاهديون گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ واقعي جي جاچ به شروع ڪئي وئي آهي پر اڃآن تائيل قتل جا سبب يا جوابدارن جي باري ۾ ڪي به تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن. سيڪيورٽي فورسز ايم 8 جي چوڌاري گشت وڌائي ڇڏيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے