welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وزيراعظم شهباز شريف زائرين لاءِ خاص پروازن جي انتظامن جي هدايت

اسلام آباد:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف زائرين لاءِ خاص پروازن جي انتظامن جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير محسن رضا نقوي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس زائرين لاءِ نئين پاليسي بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي به بحث ڪيو ويو. هن ايوي ايشن واري وزير کي هدايت ڪئي ته زائرين لاءِ خاص پروازن جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن زائرين جي تعداد ۾ واڌ دوران انهن کي سفر ۾ ڪا به ڏکيائي نه پيش اچي. وزيراعظم گهرو وزير محسن نقوي کي گوادر سيف سٽي منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے