welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ ۾ عالمن جي اغوا، وڌندڙ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف احتجاجي تحريڪ 31 جولاء کان شروع ڪئي ويندي:مولانا عبدالقيوم هاليجوي

حیدرآباد:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)سنڌ ۾ عالمن جي اغوا، وڌندڙ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ 31جولاء کان جيڪب آباد کان شروع ڪئي ويندي جنهن دوران وزير اعلي ھائوس سنڌ جو گھيراء پڻ ڪيو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار امير جي يو آءِ سنڌ مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڊاڪٽر اي جي انصاري سان ڳالهائيندي ڪيو. رپورٽ موجب علماءِ اسلام سنڌ جي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي چيو آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، ڌاڙيل راڄ، اسٽريٽ ڪرائم ۽ علماءِ ڪرام جي اغوا سان صوبو مڪمل طور تي مفلوج ٿي چڪو آهي، جڏهن ته حڪومت رڳو تماشو ڏسي رهي آهي..مولانا هاليجوي، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ- ڪشمور ضلعن مان جي يو آءِ جي اڳواڻن ۽ علماءِ ڪرام جي اغوا، زنجيرن ۾ جڪڙيل حالت ۾ تشدد واري وڊيوز جي جاري ٿيڻ تي سخت افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. عوام دهشتگردي ۽ خوف هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته واپار ۽ زراعت تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن. ان موقعي تي ھن اعلان ڪيو تہ 31 جولاءِ کان جيڪب آباد مان شروع ٿيندڙ تحريڪ، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ سميت ٽن ضلعن ۾ وڌندڙ اغوا، بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف هڪ وڏي احتجاجي تحريڪ جو آغاز هوندو،جيڪب آباد کان پوء شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ وڏا مظاهرا ڪيا ويندا. مولانا عبدالقيوم هاليجوي چيو ته جيڪڏهن جي يو آء جي اڳواڻن، علماءِ ڪرام ۽ ٻين مغوي ماڻهن کي فوري طور بازياب نه ڪيو ويو ۽ بدامني تي ضابطو نه آندو ويو ته جي يو آءِ سنڌ جي وزير اعليٰ ھائوس سنڌ جي گھيراء جو جلد اعلان ڪندي. جي يو آءِ سنڌ جي قيادت عوام،ڪارڪنن. ڪاروباري حلقن، نوجوانن ۽ سول سوسائٽي جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هن تحريڪ ۾ ڀرپور شموليت ڪن ته جيئن سنڌ کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي ۽ امن جو قيام ۽ عوام جي تحفظ لاء جنگ جوٽي سگهجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے