
عمرڪوٽ:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ نامياري وڪيل سلمان اڪرم راجا عمرڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، شاھ محمود قريشي ۽ پارٽي اڳواڻن جي آزادي لاءِ سڏايل ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته نظام تبديل ڪرڻ ۽ غلامي مان آزاد ٿيڻ لاءِ عوام 5 آگسٽ تي ٻاھر نڪري پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪري، ھن چيو ته ڪا ڊيل قبول نه ڪبي، نه ئي بئڪ ڊور ڪي ڳالھيون ھلندڙ آھن، ھاڻ روڊن، چوڪن ۽ چوراھن تي ڳالھيون ٿينديون، سلمان اڪرم راجا چيو ته مولانا فضل الرحمان جي پنھنجي سياست آھي اسان جي پنھنجي آھي، مولانا سان ھن وقت ڪو به رابطو ناھي. ملڪ بچائڻ ۽ عوام جي حقن لاءِ عمران خان ۽ ٻيا اڳواڻ جيلن ۾ آھن، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو ويو، ڪارپوريٽنگ فارمنگ تحت زمينون نيلام ڪري ڌرتي ڌڻين کي لاوارث ڪيو پيو وڃي اسان ملڪ ۾ جبري مذھب تبديلي جي خلاف آھيون، اقليتن جي تحفظ لاءِ ڪردار پيا ادا ڪريون خاص طور تي مخصوص سيٽن جي فيصلي بعد عدليه مان انصاف جي اميد ختم ٿي وئي آھي، اسان عافيه صديقي ڪيس ۾ به عافيه ۽ خاندان سان گڏ بيٺل آھيون، امجد خان نيازي چيو ته سنڌ جي ڌرتي نظام جي تبديلي لاءِ رڳو تيار ناهي، بلڪه هاڻي تبديلي اچي چڪي آهي، پبلڪ انٽرسٽ ڪهڙي کي چئبو آهي ان کي چئبو آهي جنهن ۾ عوام دلچسپي وٺي قيد ۾ ويٺل شخص کٽي ويو آهي ۽ نظام شڪست کاڌي آهي، ڪرپشن جو نظام جيڪو هاڻي زمين بوس ٿي چڪو آهي، اڄ ان نظام کي سهارو ڪير ڏئي رهيو آهي، نظام کي سهارو ڏنو ويو آهي، فسطائيت، ظلم ۽ طاقت پاران، پر عوام سمجهي چڪو آهي ته هاڻ پنهنجو حق وٺڻو آهي، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته عمرڪوٽ جي عوام ظلمن ۽ ستم کي نظرانداز ڪري اسان جي ٽڪيٽ هولڊر لال مالهي کي ووٽ ڏنا، شاهه محمود قريشي وانگر لال مالهي به عمران خان سان بيٺل رهيو، چونڊن مان اندازو ٿي وڃڻ گهرجي ته سنڌ جي زمين پي ٽي آءِ لاءِ بنجر ناهي، بلڪه وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي رڳو ٻن ڏينهن جي تحريڪ ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌ جي عوام عمران خان سان گڏ بيٺل آھي، سنڌ جو عوام مافياز جي ظلمن، جبر ۽ ڪرپشن مان بيزار ٿي چڪو آهي، غريب وڌيڪ غريب ٿيندو پيو وڃي، عوام جي آخري اميد عمران خان آهي. پيپلز پارٽي عوام جي عزت نفس تي حملو ڪيو آهي پي پي سنڌ جي تعليم تي وار ڪيو، اسڪول ته آهن، فنڊ به آهن، پر سڀ هڙپ ٿي وڃن ٿا. ايندڙ دور تحريڪ انصاف جو هوندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language