welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪنڌڪوٽ: پوليس مقابلو ڄاڻائي 3 سئوٽ ماري ڇڏيا: نوجوان مزدور هئا: وارث

ڪنڌڪوٽ:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي پي پي ايل فيلڊ ويجھو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ بنگوار گينگ جا 3 جوابدار بنگل بنگوار، آھڙ خان بنگوار ۽ عبدالڪريم بنگوار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مارجي ويلن جي وارثن مقابلو جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو، مارجي ويلن جو ڪوبه ڏوهي رڪارڊ سامهون نه اچي سگهيو، ان ڏس ۾ ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي مبينا مقابلي ۾ ٽن سئوٽن کي جوابدار ڄاڻائي ماري ڇڏيو، پوليس موجب مسافر گاڏين کان ڪرڻ دوران بخشاپور پوليس موقعي تي پھچي وئي ته جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ ۾ موقعي تي بنگل بنگوار مارجي ويو، 2 جوابدار گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ايس ايس پي محمد مراد گھانگھرو ٽيم ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھچي ويو، جنهن بعد پوليس جوابدارن جي پويان رواني ٿي وئي، جوابدار زخمي هجڻ ڪري فرار نه ٿي سگهيا، جيڪي زخمن جا سور نه سهندي مري ويا، پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن جا ٻيا ساٿي لاش کڻي وڃڻ بدران فرار ٿي ويا، مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٽنھي جوابدارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل ٽئي جوابدار بنگوار گينگ جا سرگرم ڏوھاري ھئا، جن جي سڃاڻپ بنگل بنگوار، آھڙ خان بنگوار ۽ عبدالڪريم بنگوار طور ڪئي وئي آهي، جوابدار انڊس هاءِ وي تي سرعام ڦرلٽ ڪندا ھئا، جنهن تي ڪافي ڪيس داخل ٿيل آهن.ٻي طرف مارجي ويلن جي وارثن موجب آهڙ بنگوار پوليو ورڪر هيو، جيڪو يوسي آر بي چاچڙ ۾ پوليو ورڪر طور ڪم ڪندو هو، عبدالڪريم دبئي ۾ مزدوري ڪندو هو ۽ بنگل هارپو ڪندو هو. مسافرن کان ڦر ڪرڻ دوران مقابلو ٿيو ۽ 3 ڏوهاري مارجي ويا: ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي محمد مراد گھانگھرو جو چوڻ هو ته ته انڊس هاءِ وي کي عوام لاءِ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پوليس جو گشت وڌايو آهي، پوليس گشت ڪري رھي هئي ته ڏوھاري روڊ تي اچي گاڏي کان ڦرلٽ ڪن پيا، پوليس پھچي مقابلو ڪيو، فوري ٽيم ساڻ ڪري مقابلي واري ھنڌ پھتس، پوليس اھلڪارن بھادري جو مظاھرو ڪري ٽن ڏوھارين کي پنهنجي انجام تائين پهچايو آهي. پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان آهڙ بنگوار پرائمري استاد جو پٽ هيو ڪنڌڪوٽ: مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل آهڙ خان بنگوار پرائمري استاد عبدالحڪيم بنگوار جو پٽ هيو، سندس ڀاءُ محمد حن بنگوار موجب ته آهڙ يوسي آر بي چاچڙ ۾ آهڙ پوليو ورڪر طور ڪم ڪندو هيو. مارجي ويل هڪ نوجوان کي ٽي ٽي پستول ساڻ هيو: ذريعا ڪنڌڪوٽ: ذريعن موجب پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل بنگل بنگوار،آهڙ بنگوار ۽ عبدالڪريم بنگوار کاهي شهر جي هوٽل تي ويٺل هئا، جتان کين موٽرسائيڪل چاٻي چور ڪاهي ويا، ذريعن موجب ٽئين سئوٽ موٽرسائيڪل جي ڳولها لاءِ نڪري پيا ۽ کين ٽنهي سئوٽن مان هڪ کي ٽي ٽي پسٽل ساڻ هئي. رورل هيلٿ سينٽر ۾ سرد خاني جي سهولت نه هجڻ سبب لاش سول اسپتال منتقل ڪنڌڪوٽ: مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل بنگل بنگوار جو لاش ايمبولنس ذريعي ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته رورل هيلٿ سينٽر ۾ سردخاني جي سهولت نه هجڻ ڪري لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٽيسڪي ڊرائيورکي ڪيس ۾ شاهد ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنڌڪوٽ: ذريعن موجب مارجي ويل ٽنهي ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ پوليس ٽيسڪي ڊرائيور کي پڻ ڪيس ۾ بطور شاهد ڏيکارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي،ذريعن موجب بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ ٽيڪسي ڊرائيور جاويد مهر کان ڦر ٿي، جنهن اهڙي واقعي جو بخشاپور پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس پاران جوابدارن سان مقابلو ڄاڻايو، ڦر جو ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ جي لاءِ آيل ٽيسڪي ڊرائيور جاويد مهر کي پوليس کڻي وئي، ذريعن موجب پوليس جاويد مهر کي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي آفيس وٺي آئي ۽ ٽيڪسي ڊرائيور تي دٻاءُ وڌيو ويو ته ڦر واقعي جو ذميوار مارجي ويل ٽن جوابدارن کي قرار ڏئي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ٽيڪسي ڊرائيور جاويد مهر جي فرياد تي ڦر واردات جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ اسان جا پورهيت نوجوان ماريا: وارث ڪنڌڪوٽ: مارجي ويل ٽن سئوٽن جي وارثن جو موقف سامهون اچي ويو، پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل آهڙ خان جي والد پرائمري استاد عبدالحڪيم بنگوار ۽ وارث شهزادو بنگوار چيو ته پوليس اسان سان ظلم ڪيو آهي،اسان جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي هئي، اطلاع تي چوري ٿيل موٽرسائيڪل جي ڳولا جي لاءِ اسان جا نوجوان نڪري ويا هئا، روڊ تي بيٺل پوليس اسان جي نوجوانن کي بيهڻ لاءِ هٿ ڏنو نه بيهڻ تان پوليس فائرنگ ڪئي،جنهن دوران هڪ ڄڻو بنگل موقعي تي مارجي ويو، عبدالڪريم ۽ آهڙ خان موٽرسائيڪل بيهاري ته پوليس انهن کي پڪڙي کڻي وئي ۽ شهر ويجهو پوليس انهن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو،هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل جي اين سي پڻ ٿاڻي تي دخل ٿيل آهي، 22ورهين جو عبدالڪريم دبئي ۾ مزدوري ڪندو هو، 19ورهين جو آهڙ پوليو ورڪر هيو ۽ 30ورهين جو بنگل اسلام آباد ۾ مزدوري ڪندو هو، هنن چيوته ٽنهي سئوٽن تي ڪوبه ڪيس داخل نه هيو، پوليس بيگناهه اسان جي نوجوانن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، هاڻي پوليس لاش ڏيڻ جي لاءِ به تيار ناهي،

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے