welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

رائونتي ۾پوليس آپريشن، 3 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

رائونتي:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)رائونتي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران شر گينگ خلاف گڏيل طور تي ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران موجب ته رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ رينجرز سان گڏجي ست اي پي سي چينز وڏي پوليس جي نفري ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان اغوا ڪار ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران ٽي مغوي هر هڪ محمد رفيق بلوچ رهواسي ڪراچي، عبدالفتح بلوچ رھواسي بلوچستان ۽ محمد علي راجپوت ڪراچي جي رهواسي کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي، جڏهن ٽي ڏوهاري زخمي ٿي پيا آهن، جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، زخمين کي پنهنجا ساٿي کڻي فرار ٿي ويا، جڏھن ته ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ويو ۽ ڪچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ سيل ڪيا ويا آهن، ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪري سرچ آپريشن ڪيو ويو ۽ ڏوهارين جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙي ڊاهي پٽ ڪرڻ بعد پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ جديد هٿيارن جي فائرنگ جو سلسلو به وقفي وقفي سان جاري رهيو، ڏوهارين جي خاتمي ۽ مغوين جي بازيابي تائين اسان جو آپريشن جاري رهندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے