
ڪوٽڙي:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي واري سنڌوءَ جي وهڪري ڪيٽي بندر جي آخري مياڻ جنگيسر ۽ ڦاٽ درياءَ تي پهچي سمنڊ کي ڪئين ڪوھه پري ڌڪي ڇڏيو. مهاڻن ۽ هتان جي رهواسين جي ڪومايل چهرن تي مرڪون موٽي آيون. سنڌوءَ جي چاڙھه ٺٽو ۽ سجاول ضلعن کي ڳنڍيندڙ آخري پل شهيد دولھه درياءَ خان وٽان گذري ڪيٽي بندر جي آخري مياڻ جنگيسر تائين پهچڻ بعد سمنڊ هيٺ آيل ڦاٽ درياءِ وٽ پهچي هتان سمنڊ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌوءَ جي چاڙھه سبب ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ واسين ۾ پڻ خوشي ءَ واري لهر آهي. سوين مهاڻن درياءَ ۾ پاڻي جي اچڻ تي خوشيءَ وچان پنهنجا هوڙا ۽ ٻيڙيون جنگيسر مياڻ تي آڻي هتان کان مڇي خاص ڪري پلي ۽ گانگٽ (سانو) جو شڪار شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي سنڌوءَ درياءَ جو وڌندڙ وهڪرو پڻ جنگيسر مياڻ کان ٿيندو ڦاٽ ڪريڪ (درياءَ) تائين پهچي هتي ڪيتري عرصي موجود سمنڊ جي پاڻي کي کاروڇاڻ ويجھو سموري ڦاٽ ۾ وهي رهيو آهي. ڪريڪ تائين سنڌوءَ وهڪري پهچڻ تي فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ سيد گلاب شاھه، آبادگار محمد جمن صحباڻي، پروفيسر ديدار ميراڻي، اديب ظفر اڄڻ ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪيتري عرصي بعد سنڌو درياءَ جي وهڪرو هتان جي روزگار کان محروم هزارين مهاڻن ۾ پڻ خوشيون وکيري رهيو آهي. هنن چيو ته سنڌوءَ جي ڊيلٽائي حصي ۾ پاڻي جي نه اچڻ ڪري هڪ پاسي ديلٽا سمنڊ جي تباهڪارين جي ور چڙهي رهي هئي ته وري ٻئي پاسي سمنڊ جي پاڻي جي اڳتي وڌڻ ڪري آباد لکين ايڪڙ زمين سمنڊ جي ور چڙهي تباھه ٿي رهي آهي ۽ زمين جي جر کاري ٿيڻ ڪري هتان جي انساني آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻجي وئي. هنن چيو ته درياءَ ۾ پاڻي اچڻ سان تمر جي ٻيلن جي واڌ ويجھ ٿيندي ۽ پڻ سمنڊ جي وڌندڙ گرمي پد ۾ گھٽتائي ايندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language