welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪاري ڪوٽن وارا وري ميدان تي: حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مارچ جو اعلان، 27هين ترميم اچي پئي، گهڻن جا بسترا گول ٿيندا: وڪيل ڪنوينشن

لاڙڪاڻو:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي ميزبانيءَ هيٺ وڪيلن جو ڪنوينشن، مورو واقعي بابت جڊيشل ڪميشن نه جوڙڻ خلاف آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪاميٽي طرفان 9 آگسٽ تي مورو مارچ جي سِري هيٺ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين مارچ ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف 16 آگسٽ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ کان وزيراعليٰ هائوس يا سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪري چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي ميزباني هيٺ آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪاميٽي طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ، 26هين آئيني ترميم، پيڪا ايڪٽ، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف وڪيلن جو ڪنوينشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ ڪوٺايو ويو. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪراچي بار جي صدر ۽ ناليواري وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته هن وقت وڪيلن جو هڪ حصو حڪومت سان بيٺل آهي ۽ ٻيو حصو قانون جي بالادستي ۽ ڌرتي جي مسئلن لاءِ بيٺو آهي تنهن ڪري هاڻي اسان جي وچ ۾ دوريون اينديون. هن چيو ته ڪراچي بار، لاڙڪاڻو بار، ملير بار سميت ٻين ڪيترن ئي بارز کي فنڊ نه مليا، ان جو ڪارڻ اِهو آهي ته اهي بارز حڪومتي ڪنٽرول ۾ ناهن، جيڪي بارز حڪومتي ڪنٽرول ۾ آهن ۽ انهن مرضيءَ تي هلنديون آهن ته انهن کي هي چوندا آهن ته توهان کي وڪيلن جي ڪنوينشن ۾ ناهي وڃڻو ان جي بدلي ۾ هو فنڊ وٺي مقرريون به ڪندا آهن، اهي سڀ موقعا اسان وٽ به آهن، اهڙا واسطا ٺاهڻ ۽ ڪنهن کي خوش ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي، پر وڪيلن کي پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته هو ڪنهن سان بيهندا. هن چيو ته 26هين ترميم کان پوءِ 27 هين ترميم اچي رهي آهي جنهن ۾ ڪيترن جا بسترا گول ٿيندا، ٿي سگهي ٿو ته اِهي ئي ماڻهون اچي اسان کي چون ته توهان بار آيو ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪيو جيڪو حڪومت ۾ ايندو آهي ته اهو قانون جي بالادستي جي ڳالهه ناهي ڪندو ۽ جيڪڏهن هو حڪومت مان ٻاهر نڪرندو آهي ته پوءِ هو اسان وٽ اچي قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪندو آهي پر اسان وڪيلن هميشه قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي، تنهن ڪري اسان هميشه نقصان ۾ رهندا آهيون پر اسان پنهنجي بنيادي اصولن تي بيٺا آهيون. هن چيو ته جڏهن قاضي فائز عيسيٰ جو مسئلو هو ته ان به وقت وڪيلن جا ٻه گروپ هئا جن مان هڪ گروپ قانون جي بالادستي ۽ ٻيو گروپ چوي پيو ته قاضي فائز عيسيٰ کي ڪڍي ڇڏيو اهڙن ماڻهن هميشه فائدو ورتو آهي. هن چيو ته 26هين ترميم دوران ذاتي طور مون کي بطور صدر ڪراچي بار ايسوسئيشن سميت هاءِ ڪورٽ بار ڪراچيءَ جي صدر کي آڇ ڪئي وئي ته توهان کي هاءِ ڪورٽ جو جسٽس بڻائينداسين ۽ مون کي ائين به چيو ويو ته جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته توهان چونڊون هارائي ويندا ۽ توهان کي سپورٽ نه ڪنداسين پر مان انڪار ڪندي چيو ته مون کي اِهو جسٽس ناهي ٿيڻو جنهن ۾ سڀاڻي ڪو وڪيل چوي ته وڙائچ بار کي وڪرو ڪري جسٽس بڻيو آهي، حوس جي ڪا حد ناهي، الله تعاليٰ جيڪا عزت ۽ روزي روٽي ڏني آهي اُها منهنجي لاءِ ڪافي آهي. مون کي چيو ته 26هين ترميم لاءِ حامي ڀريو پر مان انڪار ڪيو ته اهڙي عهدي تي لعنت وڌي، ڇاڪاڻ ڪراچي بار جو مختلف تحريڪن ۾ وڏو ڪردار آهي، ڪراچي بار جي مهيني جو خرچ 60 کان 70 لک روپيه آهي، اسان چيو

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے