
گولاڙچي:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)گولاڙچي لڳ پوليس اسٽيشن ڪڙيو گھنور ۽ ترائي پوليس پوسٽ جي حد ۾ فتح آباد وٽ 25 سالن جي غير شادي شدھه نوجوان ناري فھميده ڌي علي اڪبر ابڙو بيدردي سان قتل سندس پنھنجي گھر اندر ڳلو ڪپيل لاش مليو. تفصيل موجب گولاڙچي ويجھو ڪڙيو گھنور پوليس اسٽيشن ترائي پوليس پوسٽ جي حد ۾ نوجوان نياڻي فھميده ابڙو کي سندس گهر ۾ نامعلوم ماڻھن ڇري سان ذبح ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس جاء واردات تي پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال گولاڙچي پھچايو. جتي ليڊي ڊاڪٽر نه ھئڻ سبب لاش رلندو رھيو. بعد ۾ مڙھ کي انڊس اسپتال بدين مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. پھرين مرحلي ۾ نينگري جي ڏاڏي ڳوٺ جي چگي مڙس ڏاڏو آدم ابڙو قتل جو ڏوھ قبول ڪندي پوليس وٽ پيش پيو. جنھن بعد وري ڇوڪري جو پيءُ اڪبر ابڙو ٿاڻي تي پھچي قتل جو اعتراف ڪندي قتل ڪرڻ جون ڏوھه باسيو. اڪبر ابڙو موجب ته غيرت ۾ اچي مون قتل ڪيو آھي، ٻئي طرف ترائي ٿاڻي جي انچارج اي ايس آءِ پارس ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته ناري فھميده ابڙو جو لاش سندس ئي گھر مان تيز ڪات جھڙي اوزار سان ڳلو ڪپيل مليو آھي، ھن چيو ته نوجوان ڇوڪري قتل بيدردي سان ٿيل آھي ۽ جاءِ واردات مان لڳي ٿو ته ھن قتل ۾ ھڪ کان وڌيڪ جوابدار ملوث آھن، وڌيڪ جانچ ڪرڻ بعد حقيقتون سامھون اينديون. ھن وڌيڪ چيو ته پھرين مرحلي ۾ قتل جو ڏوھه قبول ڪندڙ آدم ابڙو وري پنھنجي بيان تان ڦري ويو آھي، وري قتل ٿيل ڇوڪري جو پئ اڪبر ابڙو پوليس وٽ پھچي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي جنھن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏھن ته خبر موڪلڻ تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي. مليل ڄاڻ موجب ڄاڻايل عورت مبينا ٻه ڀيرا پسند جي پرڻي لاءِ گھران نڪري چڪي آھي ناري کي واپس آڻڻ جي پهرين رات سندس ڏاڏي ۽ ٻين ملي ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو.
ناري جي ڏاڏي جو مرزا گروپ سان تعلق، بچائڻ لاءِ بااثر سرگرم
بدين: بدين لڳ فتح آباد جي ابڙا ڳوٺ ۾ ڏاڏي طرفان ڇرين جا وار ڪري قتل ٿيل 25 سالا فهيده ابڙو جي خون ۾ ملوث ڏاڏي کي بچائڻ لاءِ سندس پٽ ميدان تي اچي ويو پوليس ذريعن موجب تہ ناري کي قتل ڪندڙ سندس ڏاڏي آدم ابڙو پنهنجي پوٽي کي پوليس اڳيان قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي پاڻ پيش ٿي گرفتاري ڏني هئي، پر ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ نياڻي کي قتل ڪندڙ ڏاڏي کي بچائڻ لاءِ پٽ اڪبر ابڙو قتل ٿيل نينگري جي پئ پاڻ پوليس وٽ پهچي بيان ڏنو آهي ته هن کيس غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آهي جڏهن ته باخبر ذريعن موجب تہ بااثر ماڻهن طرفان جوابدار کي بچائڻ لاءِ پوليس کي زوربار ڪيو پيو وڃي ۽ پوليس به ڪجھ ٻڌائڻ لاءِ تيار ئي ناهي. ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ يوسي فتح آباد مرزا گروپ جي اڳواڻ ڏاڏا آدم ابڙو ۽ ٻين مبينا طور غيرت جي نالي تي پنهنجي پوٽي 25 ورهين فهميده ڌيءَ اڪبر ابڙو مبيا طور سخت تشدد جو نشانو بڻائي بيهوش ڪرڻ بعد گهر پيل سبزي ڪٽڻ واري ڇُري سان ڪهي قتل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ترائي ٿاڻي جي اي ايس آئي پارس ميمڻ ٻڌايو ته عورت جي قتل جا گھڻا پاسا آھن ھن وقت تائين عورت جو ڏاڏو، پئ سميت ھڪ ٻيو ماڻھو به پوليس گرفتار ڪيو آھي جلد سڄو معاملو سامھون اچي ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language