welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شاگرد نصرالله مڱڻيجو پوليس مقابلو جڙتو ثابت، 5 اهلڪارن خلاف سرڪار پاران ڪيس داخل

سکر:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)سکر سائيٽ ايريا پوليس ٻه جولاءِ تي مبينا مقابلي بعد لطيف يونيورسٽيءَ جي شاگرد نوجوان نصرالله مڱڻيجو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪندي اهڙو ڪيس داخل ڪيو هو، نوجوان کي گولي هڻي زخمي ڪرڻ وارو مقابلو ڪوڙو ثابت ٿي ويو آهي ۽ سرڪاري مدعيت ۾ ٻن اي ايس آئيز سميت پنجن ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. سکر سائيٽ ايريا ٿاڻي تي ئي فريادي اي ايس آءِ محبت علي ميراڻي جي فرياد تي پوليس مقابلي جي مبينا ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾ اي ايس آءِ عبدالرحمان شيخ، اي ايس آءِ شاهزيب شيخ، سپاهي جاويد علي، روشن علي، ڊرائيور راڄل خان کي به جڙتو مقابلي واري ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو ويو. ايف آءِ آر جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2 جولاءِ تي قريشي ڳوٺ وٽ بئراج ڪالونيءَ جي واسي نوجوان نصرلله مڱڻيجو کي بيگناهه گوڏي ۾ گولي هڻي مقابلو ظاهر ڪيو ويو. مٿين پوليس عملدارن هم صلاح ٿي پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو. ڪوڙو مقابلو ڏيکاري بيگناهه شهري نصرالله مڱڻيجو کي سڄي ڄنگهه جي گوڏي ۾ گولي هڻي زخمي ڪري قلم 337.f2.148.149.166i.155. C پوليس آرڊر 2002ع جو ڏوهه ڪيو آهي. تنهن ڪري سرڪار پاران اُنهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي سکر اظهر مغل جو چوڻ آهي ته پنجن ئي پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. معطل پوليس عملدارن خلاف محڪماجاتي ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب نوجوان نصرالله مڱڻيجو جي وارثن ڊي آءِ جي سکر آڏو توڙي جاچ ٽيم سامهون سرڪاري مدعيت تي داخل ايف آءِ آر ۽ جاچ تي اعتراض واريندي موقف اختيار ڪيو آهي ته نصرالله مڱڻيجو کي بيگناهه گرفتاري بعد گم ڪرڻ دوران ٽي ايس ايچ اوز ملوث آهن، ڄاڻايل آفيسر ايس ايس پي سکر جي هدايتن کان بغير ڪو به ڪم نٿا ڪري سگهن. تنهن ڪري جاچ ۾ نه ايس ايس پي سکر جو ذڪر آهي ۽ نه ئي ٽنهي ايس ايڇ اوز جا نالا شامل ڪيا ويا آهن، تنهن ڪري هو ان جاچ مان مطمئين ناهن. اسان جي بيگناهه نوجوان کي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر به اسان فرياد ۽ مرضي مطابق ٿيڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو. هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود هن وقت تائين پنجن ئي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نه گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪا عملي طور تي ڪاروائي ڪئي وئي آهي. لطيف يونيورسٽي جي شاگرد نصرالله کي 2 جولاءِ تي هاف فراءِ ڪيو ويو سکر: سکر بئراج ڪالونيءَ جي رهواسي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي مائڪرو بائلائجي ڊپارٽمينٽ جي شاگرد نصرالله مڱڻيجو کي 2 جولاءِ تي رات جو دير سان پوليس مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيو ويو هو، نوجوان جي والد امداد الله مڱڻيجو، مامي، دوستن ۽ ٻين پاران سول اسپتال، توڙي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو هيو ته نصرالله مگڻيجو کي پنج محرم مسيت واري ماتمي جلوس مان سي سيڪشن پوليس موٽرسائيڪل چوري جي ڪوڙي الزام هيٺ گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏيو، ۽ نوجوان جي آزاديءَ عيوض وارثن کان پنج لک رپيا رشوت طلب ڪئي وئي، رشوت نه ڏيڻ تي پوليس نوجوان کي جڙتو مقابلي ڏيکاري هاف فراءِ ڪري ڇڏيو. شاگرد والدين جي پيٽ پالڻ لاءِ پڙهڻ سان گڏ پورهيو به ڪندو هو سکر: نصرالله مڱڻيجو لطيف يونيورسٽيءَ جي مائڪرو بائيولاجي ڊپارٽمينٽ جو شاگرد آهي، جيڪو پڙهڻ سان گڏ پنهنجي والدين جو پيٽ پالڻ لاءِ ورهين کان ورڪشاپ روڊ تي واقع ميڊيڪل اسٽور تي ڪم به ڪندو آهي. جنهن جو پوليس ڪو به ڪرمنل رڪارڊ به پيش ناهي ڪري سگهي. بيگناهه گرفتاري بعد گولي هڻي زخمي ڪيو ويو: نصرالله مڱڻيجو جو آخري بيان سکر: نوجوان نصرالله مڱڻيجو زخمي حالت ۾ اسپتال پهچڻ وقت دانهيو هو ته سي سيڪشن پوليس چور سمجهي کنڀي کڻي وئي، رات جو لکي طرف کڻي وئي، اِن بعد شڪارپور، سکر جي ليبر ڪالوني ڀرسان آندو ويو. بيگناهه گرفتاري بعد گولي هڻي زخمي ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے