پشاور:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)خيبر پختونخوا مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل 5 سينيٽر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويا. جن جي پارٽي ۾ شموليت جي ڊڪليئريشن پارٽي چيئرمين کي جمع ڪرائي وئي آهي. ڪي پي مان ڪامياب مرزا آفريدي، اعظم سواتي، فيصل جاويد، نور الحق قادري ۽ روبينه ناز ڊيڪليئريشن فارم جمع ڪرايا. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي اليڪشن ڪميشن ۾ ڊيڪليئريشن جمع ڪرائيندو. واضح رهي ته سينيٽ جي تازي چونڊن ۾ مراد سعيد به ڪامياب ٿيو آهي، پر هو سگهي عرصي کان روپوش آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language