welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي بچاءُ واري وزير جي ايراني سپريم ليڊر کي ٻيهر نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي

تل ابيب:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي سڌي طرح ڌمڪي ڏني آهي. اسرائيل ڪاٽز چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ٻيهر اسرائيل کي ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تهران تي هڪ ٻيو اسرائيلي حملو ٿيندو، ۽ هن ڀيري نشانو خامنه اي پاڻ هوندو. اسرائيل ڪاٽز جي آفيس موجب، اسرائيل جي رامون ايئر بيس جو دورو ڪندي، اسرائيلي دفاع واري وزير چيو ته مان آيت الله خامنه اي کي هڪ واضح پيغام موڪلڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن هو اسرائيل کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو ته اسرائيل جا ڊگها هٿ تهران ۽ توهان تائين وڌيڪ شدت سان پهچندا. اسرائيلي دفاع واري وزير جو هي بيان ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ 12 ڏينهن جي جنگ جي خاتمي کان هڪ مهيني بعد آيو. ياد رهي ته ايران-اسرائيل جنگ دوران، اسرائيلي دفاع واري وزير چيو هو ته ايران جي سپريم ليڊر خامنه اي کي وڌيڪ جيئرو نه رهڻ ڏنو وڃي. خامنه اي اسرائيل جي تباهي کي پنهنجو مقصد سمجهندو آهي، هو ذاتي طور تي اسپتالن تي حملي جا حڪم ڏيندو آهي، تنهنڪري اهڙو شخص هاڻي دنيا ۾ موجود نه ٿو رهي سگهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے