بوگوٽا:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)ڪولمبيا جي صدر گسٽاو پيٽرو اسرائيل کي ڪوئلي جي برآمد تي پابندي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 'هڪ ٽن به ڪوئلو اسرائيل نه ويندو'.
هن چيو ته ڪولمبيا غزه ۾ جاري نسل ڪشي جو حصو نه بڻجندو، هڪ ڏينهن اسرائيلي عوام پاڻ کي بدلائيندا، تبديلي ايندي، اسان ٻيهر ملنداسين ۽ سفارتي لاڳاپا بحال ٿيندا.
هن وڌيڪ چيو ته جيستائين اسرائيل فلسطينين تي بمباري ڪري رهيو آهي، لکين جانيون وٺي رهيو آهي، تيستائين اسرائيل سان ڪو به تعلق نه رهندو.
گسٽاو پيٽرو چيو ته هو، ڪولمبيا جي فوج جي ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت سان، حڪم ڏئي ٿو ته ڪولمبيا مان هڪ ٽن به ڪوئلو اسرائيل نه ويندو جيستائين اسرائيل فلسطينين تي بمباري بند نه ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language