سنگرار:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)سنگرار مان اغوا ٿي ويل هندو نياڻي پريا ڪماري کي سکر پوليس چار سال گذرڻ باوجود بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي. ڌاڙيلن پريا ڪماري جي پيءُ راجڪمار کان فون ڪال تي هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪري ورتو. اِن ڏس ۾ پريا ڪماريءَ جي والد راجڪمار جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل فريد ميراڻي موبائل فون تي ڪال ڪري چيو آهي ته پريا ڪماري اسان وٽ آهي، اُن جي بازيابي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ ڏي، ڌاڙيلن جي فون ڪال ۽ ڀنگ گهرڻ بابت ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ سان ملاقات ڪري آگاهه ڪيو آهي. ڊي آءِ جي سکر خاطري ڪرائي آهي ته جاچ ڪريون پيا. مون کي پنهنجي نياڻي پريا ڪماري بازياب ڪرائي ڏيو. هن چيو ته اِن کان اڳ به ڌاڙيل ڀنگ لاءِ فون ڪالز ڪري چڪا آهن. فون ڪالز متعلق مختلف وقتن تي ڊي آءِ جي ۽ اس ايس پي کي آگاهه ڪري چڪو آهيان. چار سال گذري ويا آهن، صوبائي گهرو وزير توڙي مختلف ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز خاطري ته ڪرائي آهي، پر عملي طور تي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڪو تحرڪ ناهي ورتو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language