welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جيڪب آباد وچ شهر ۾ ناريءَ جي گھران نڪرڻ جي پلاند ۾ پرائمري استاد گوليون هڻي قتل

جیڪب آباد:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)جيڪب آباد وچ شهر ۾ پنهنجي دڪان تي قرآن پاڪ جو تلاوت ڪندڙ ٽيچر هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويو. ان ڏس ۾ سٽي ٿاڻي جي حد ٽاور روڊ تي پنهنجي مرغي جي دڪان تي ويهي تلاوت ڪندڙ پرائمري اسڪول ٽيچر نثار درپالي تي اڻڄاتل جوابدارن حملو ڪيو. هٿياربندن گوليون هڻي آساني سان فرار ٿي ويا، زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر نيو پئي ويو ته رستي ۾ هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جو لاش سول اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، اسپتال ۾ موجود مقتول جي پيءُ الهيار درپالي ٻڌايو ته ٽالاڻي برادري جي جوابدارن معشوق برڪو مصطفيٰ راشد منو ۽ ٻين ڏاڍ مڙسي ڏيکاري منهنجي پٽ کي بيگناهه قتل ڪيو آهي، هن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي جڏهن ته مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد گهر پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، وارث سوڳ ۾ وٺجي ويا آهن. هوڏانهن حسين بخش بروهي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪندي چيو ته نثار درپالي جي ننڍي ڀاءُ منهنجي ڌيءَ کي ڊسمبر 2024ع ۾ فرار ڪرائي کڻي ويو، جيڪا بعد ۾ واپس ٿي وري ٻيهر ان کي ساڳيو نوجوان ڀڄائي ويو آهي، اسان جو ننگ واپس نه ڪيو ويو ته غيرت ۾ اچي نثار درپالي کي قتل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته مقتول جي ڀاءُ ٽالاڻي برادري جو ناري کڻي ويو جنهن معاملي تي ان کي قتل ڪيو ويو آهي. وارثن جي اچڻ کان پوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے